عمران خان پاڪستان جو سڀ کان وڏو فتنو آهي، ان کي جلد چِٿڻ گهرجي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي فتني کي جيترو جلدي چِٿيو وڃي، ايترو ملڪ جو فائدو آهي.

گورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان سياسي دشمني ۾ مديني شريف جي تقدس جو به خيال نه رکيو، سوچيل سمجهيل منصوبي سان اهو واقعو پيش آيو، مسجد نبوي صه واقعي تي پاڪستان به حرڪت ۾ ايندو.

هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي سڀ کان وڏي فتني جو نالو آهي، ان کي جيترو جلدي چٿيون ايترو ملڪ جو فائدو ٿيندو.

حمزا شهباز جي حلف برداري تقريب ۾ رنڊن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته جيئن انهن آئين ۽ قانون کي پيرن هيٺان چٿيو، پي ٽي آءِ جا ماڻهو هاڻ جيڪڏهن ڪجهه ڪن ته کين گرفتار ڪرڻ گهرجي، اهي ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن، اهي جوڪر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.