حمزا شهباز پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز پنجاب جي 21هين وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو.

پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برادري تقريب گورنر هائوس جي لان ۾ ٿي، جنهن ۾ مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب جي باقاعدي شروعات پاڪ ڪلام جي تلاوت سان ٿي، جنهن کانپوءِ نعت رسول مقبول صه پيش ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف حمزا شهباز کان وڏي وزير جو حلف کڻايو.

حمزا شهباز جي حلف برداري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، اهو پرنسپل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب طرفان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حمزا شهباز اڄ وڏي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو.

حلف برداري تقريب کانپوءِ حمزا شهباز پنهنجي آفيس ايٽ ڪلب پهتو، جتي پنجاب پوليس جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

ياد رهي ته حمزا شهباز 16 اپريل تي پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ وڏو وزير چونڊيو هو، کيس پنجاب اسيمبلي جي 197 ميمبرن ووٽ ڏنا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.