پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد، ننڍي عمر جي شادي واقعن ۾ واڌ

سکر ( رپورٽ: اظهر علي دايو  ) پاڪستان ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ننڍي عمر ۾  شادي  جي واقعن ۾ 2020 نسبت جي زياده ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن، گذريل سال دوران پاڪستان ۾ 3850 ٻارن سان جنسي زيادتي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي  جا واقعا پيش ٿيا، هي اُهي رپورٽيڊ ڪيس آهن جيڪي پاڪستان جي88  لوڪل ۽ نيشنل روزنامه اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. جنهن مان واضح ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ تقريبَ (10) کان مٿي ٻار روزانو جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا. جيڪي گذريل سال 2020 جي ڀيٽ ۾%30  وڌيڪ ٿيا آهن.ٽوٽل 3850 ٻار جن ۾ 1784 ڇوڪرا ۽ 2068 ڇوڪرين کي جنسي حوس ۽ زيادتي جو شڪار بڻايو ويو. ڇوڪرين جا رپورٽيڊ ڪيس ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. جنسي زيادتي جي هنن ڪيسن ۾1060 ڇوڪرن ۽  ڇوڪرين کي زبردستي اغوا ڪيو ويو.483-ڇوڪرن ۽ 410 ڇوڪرين سان جنسي زيادتي (ريپ) ڪيو ويو، 234 ڇوڪرن ۽ 146 ڇوڪرين سان اجتماعي طورجنسي زيادتي (گينگ ريپ) جا واقعا پيش ٿيا، 162 ڇوڪرن ۽ 269 ڇوڪرين سان زبردستي جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. 22 ڇوڪرن ۽ 18 ڇوڪرين کي جنسي زيادتي (ريپ) دوران قتل ڪيو ويو، 10 ڇوڪرن ۽ 3  ڇوڪرين کي اجتماعي زيادتي دوران قتل ڪيو ويو۽14 ڇوڪرن ۽ 8  ڇوڪرين کي اغوا بعد زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو..انگن اکرن مطابق 3850 ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙ فردن جو تعلق مختلف پيشن ۽ شعبن سان آهي، جن مان1715   جوابدار اُهي هُيا جن کي ٻار پهرين سڃاڻندا هُيا، اُن کانپوءِ ٻئي نمبر تي473 جوابداراجنبي هيا. جڏهن ته ٻين ۾ پاڙي وارا، ويجهي رشتي وارا، پيشه ور عورتون، مٽ مائٽ، پوليس، اُستاد، مولوي، ، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن.جن ٻارن کي جنسي تشدد جو شڪار ڪيوويو انهن ۾ 1 کان 5 سالن جي ڄمار جا  106  ڇوڪرا ۽ 117  ڇوڪريون، 6 کان 10 سالن جي ڄمار جا 444 ڇوڪرا ۽ 377 ڇوڪريون، 11 کان 15 سالن جي ڄمار جا 703 ڇوڪرا ۽ 617 ڇوڪريون، 16 کان 18 سالن جي ڄمار جا 136 ڇوڪرا ۽ 324 ڇوڪريون هيون، ۽ ٻين جن جون عمرون رپورٽ نه هُيون اُنهن ۾ 395 ڇوڪرا ۽ 633 ڇوڪريون شامل آهن.پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا، پنجاب ۾ 2464 جنسي زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ٻي نمبر تي سنڌ ۾ 885 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ۽ وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ 247 ، صوبه سرحد(خيبر پختونخواه) ۾ 195، صوبه بلوچستان ۾ 47، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 13  جنسي زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڳوٺن ۽ شهرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڳوٺن ۾ % 57  ۽ شهرن ۾ %43 رپورٽ ٿيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.