قومي اسيرن جي آزادي لاءِ 100 وڪيل عدالت پهتا

حيدرآباد (پ  ر) سائين جي ايم سيد جي 27 ورسي جي اسيرن جي ضمانت تي ڪيس جي پوئواري لاء 100 کان مٿي وڪيل دھشتگردي جي انت واري عدالت حيدرآباد  پھچي ويا، ڪيس جي ايندڙ سنوائي 7 مئي تائين ملتوي. سائين جي ايم سيد جي 27 ورسي جي اسيرن جي مالڪي لاء .ايڊوڪيٽ نورالحق قريشي. ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو نائب صدر اندرجيت لوھاڻو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جو جرنل سيڪريٽري عشر کوکر،  ذولفقار ٿيٻو، ڄامشورو بار ايسوسيئيشن جو صدر جواد ساھڙ، ايڊوڪيٽ ،مير احمد مڱريو. معب آزاد  لغاري ، جاويد خاصخيلي. نياز جعفري سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر سجاد چانڊيو، سرمد چانديو، شاھد سومرو.،نثار چانديو ،غلام  نبي اعواڻ.محمد علي شيخ . عبدالقيوم قريشي. حليم جمالي، اشفاق لنجھار. نور احمد تنيو ،غلام سرور بلوچ . غلام اصغر ميربحر.نواب بڙدي ،مير غلام علي ٽالپر.. سميت سئو کان مٿي وڪيل پھتا، جڏهن ته ڪورٽ ۾ جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام، رشيد ڏيٿو، نديم مهدي، مرڪ جان، عادل شاھ، غلام حسين خاصخيلي، علي بخش ڪابورو ۽ ٻيا  پڻ موجود هئا. ان موقعي تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام چيو ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سيد جي 27 ورسي جي اسيرن کي سخت تڪليف ۾ رکيو ويو آهي، اسيرن کان جيل ۾ ڪم نه ڪرائڻ جا پيسا ورتا ويا آهن، جيڪو عمل غير قانوني آهي، هن چيو ته جيل مينوئل مطابق سمورن اسيرن کي سهولتون ڏنيون وڃن. بي طرف جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پهچي سيد جي 27 ورسي جي اسيرن جي مالڪي ڪرڻ ۾ اڳوڻي ڪندڙ سينئر ايڊووڪيٽ اندرجيت لوحانو کي گلن جا هار پارايا، اسيرن جي مالڪي ڪرڻ تي کيس سلام پيش ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.