سگا جي مرڪزي اڳواڻ منظور اڄڻ جي گهر تي پوليس چڙهائي، احتجاج

راڻي پور(ن ع آ) سگا جي مرڪزي اڳواڻ اديب منظور اڄڻ چيو آهي ته ڪالھ صبح ڪنب پوليس منھنجي رھائشگاھ تي غير قانوني غير اخلاقي بلا جواز  چڙھائي ڪئي. ھن چيو ته پوليس اسان جي جان مال، عزت ، چادر ۽ چوديواري جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل آھي پر ايس ايچ او ڪنب رمضان جھڙي مقدس مھيني ۽ ڀلاري رات تي ڪمداري ، واٺا گيري ڪندي غير اخلاقي غير قانوني حرڪتون ڪري سنڌ ۽ پوري دنيا ۾  سنڌ پوليس جو اميج خراب ڪيو آهي،  ھن چيو ته آيس ايچ او ڪنب پنھنجي عھدي جو ناجائز استعمال ڪري منھجي عزت نفس ۽ ساک متاثر ڪئي آھي، ھن چيو ته اسان انساني حقن جي ادارن ، بي بي سي جي نمائندن کي ھر رخ ۾ انڪوائري ڪرڻ  لاءِ چيو آھي. سنڌ ھيومين رائيٽس ڪميشن گورنمينٽ آف سنڌ سوئس موٽو ويندي ايس ايس پي خيرپور کي انڪوائري لاءِ لکيو آھي. ھن چيو ته پاڙي جي چغلخورن ۽ شرارت گيرن کي تنبيھ ڪجي ٿي روايتي منشي گيري ، ڪمداري پوليس جي ٽائوٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽  شريف ماڻھن جي خاندانن ۾ ڏڦيڙ وجھڻ کان  باز اچن  ھوڏانھن سنڌ ۽ پوري دنيا مان سوشل ميڊيا، ٽوئٽر تي علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي ڌرين سول سوسائٽي ڪنب، شاھ لطيف فائونڊيشن راڻي پور ۽ ٻين پاران پوليس جي ان عمل جي ڀرپور مذمت ڪندي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو ، سگا جي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن، سگا جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل خالد حسين چنہ،  ڊاڪٽر مشتاق ڦل، آڪاش انصاري، مختيار ملڪ، مشھود قاضي ، دودو کٽياڻ ، ذولفقار ھالپوٽو ،صادق علي تمراڻي ، پروفيسر ساجد سومرو ،آصف لاکائي، ايوب لاڙڪ ،سانول ڳاھو ڄام محبت سھتو ، آغا بلاول ، منور ساگر ، ارباب خالد محمود، جنيد انور لغاري، سعيد سانگري ، بيدل مسرور، ستار زنگيجو، لالا شڪيل شيخ، سينيئر قلم ڪار نانڪ رام اديب مشتاق مغل ۽ ٻين ،منظور اڄڻ جي گھر تي پوليس چڙهائي جي ڀرپور مذمت ڪندي آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ايس ايچ او ڪنب ۽ ملوث عملدارن جي خلاف گزيٽيد پوليس آفيسر غلام علي جماڻي کان انڪوائري ڪرائي محڪماتي ڪاروائي ڪن. فوري طور تي ايس ايچ او ڪنب گنھور مھر ۽ ملوث عملي کي ھٽائي پئدا ٿيل بيچيني ختم ڪري قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ھنن چيو ته ملوث عملدارن کي نه ھٽايو ويو ته حڪمت عملي جوڙي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.