حيدرآباد ۾ هندو برادري جي ماڻهن جو عورت جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوغلام حيدر لڳ شهر ڌندو جي رهواسي هندو برادري جي عورتن ۽ مردن وڍ ٿاڻي جي پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٻائو مهراج ٻڌايو ته 16 اپريل تي صبح جو سندس ڳورهاري ڌي جمنا کي ان جي مڙس مائوجي مهراج تشدد ڪري پيٽ واري ٻار سميت ماري ڇڏيو. معاملي بابت جمنا جي ساهرن کين اطلاع نه ڪيو، پر پاڙي وارن شام ڌاري گهر اچي اطلاع ڏنو ته جمنا فوت ٿي وئي آهي، اهڙي اطلاع تي جمنا جي گهر پهچڻ تي مائوجي مهراج ۽ ان جي گهرڀاتين کين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن تي پوليس کي اطلاع ڪيوسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران کين موٽائي ڇڏيو ۽ آخر عدالت جي حڪم تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس جوابدار گرفتار ڪري ڳري رشوت وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته سندن نياڻي جمنا کي مڙس ۽ ان جي گهرڀاتين قتل ڪيو آهي. حد جي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي وئي آهي. هنن  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته جمنا جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.