ملير پريس ڪلب تي حملي خلاف ايس ٽي پي جي ريلي، ڌرڻو

ملير (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ملير پاران پنج ڏينهن اڳ ملير پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري دوران پارٽي ڪارڪنن، صحافين تي ڪيل فائرنگ ملير پريس ڪلب تي ڪيل حملي خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن خير محمد مگسي، پير بخش بهلڪاڻي، راڻو خان زهراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي منان شيخ، عزيز لانگاهه، ريئل اسٽيٽ ايجنسي جي اڳواڻن ارشاد ابڙو، شبير ڀٽو پاران ملير پريس ڪلب آڏو گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واقعي کي 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر بن قاسم پوليس صرف ايستائين هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري پنهنجي جان ڇڏائڻ ٿي چاهي، جڏهن ته واقعو کليل دهشتگردي آهي جوابدارن پاران دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي ملير پريس ڪلب تي حملي ڪرڻ سان گڏ صحافين ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن تي فائرنگ ڪئي وئي واقعي ۾ ڇهه ايس ٽي پي جا ڪارڪن زخمي آهن واقعي جو سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي نوٽس ورتو آهي پر ان جي باوجود بن قاسم جاچ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته هن واقعي ۾ ملوث سمورا دهشتگرد جوابدار گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ملير پريس ڪلب جهڙي حساس اداري کي دهشتگردن ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻايو آهي پر ان جي باوجود پوليس جي روايتي سستي سبب دهشتگردن کي فائدو پهچي رهيو آهي، بن قاسم پوليس دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي هي واقعو غير معمولي نه آهي جنهن تي پوليس رشوت جو پردو وجهي جوابدارن کي بچائي ڪيس کي خراب ڪري رهي آهي، اسان انصاف ملڻ تائين خاموش نه ويهنداسين دهشتگرد سرعام هٿيارن جي نمائش ڪن ۽ صحافين تي فائرنگ ڪن ان جي باوجود انهن خلاف رسمي ڪاروائي ٿئي اهو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.