ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ لمپي بيماري کان بچاءُ لاءِ ويڪسين جو آغاز

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ ممتازسنڌي) سنڌ ۾ چوپائي  مال ۾ تازو آيل لمپي چمڙيَ جي بيماري جي حوالي سان سنڌ حڪوت طرفان لائيوواسٽاڪ  ڊپارٽمينٽ  جي منسٽر عبدالباري پتافي ۽ کاتي جي اعليٰ اختيارين طرفان مليل خاص ھدايتن تحت لاءِ يواسٽاڪ ڊپارٽمينٽ ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبير احمد بجاراڻي  طرفان تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ٽيمون جوڙي پوري ضلع اندر ويڪسينيشن پروگرام جو آغاز ڪيو ويو آهي جيڪي گهر گهر وڃي ڪري جانورن (ڳائي مال) کي لمپي چمڙيَ جي بيماري کان بچاء جا ٽڪا مفت لڳائي رھيا آهن  ڊپٽي  ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر شبير احمد بجاراڻي  ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ  جي مالوند ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجي قيمتي جانورن کي لمپي چمڙيَ جي بيماري کان بچائڻ لاء لائيوواسٽاڪ  کاتي جي عملي سان سھڪار  ڪن ۽ پنهنجن قيمتي جانورن کي بيماري کان بچاء ٽڪا مفت لڳرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.