حمزه شهباز حلف نه کڻڻ جي خلاف ٽيون ڀيرو لاهور هائيڪورٽ کي درخواست ڏني

لاهور (اي پي پي ) مسلم ليگ ن جو اڳواڻ حمزه شهباز  پنجاپ جي وڏي وزير جو حلف نه کڻڻ خلاف ٽيون ڀيرو لاهور هائيڪورٽ کي درخواست ڏني حمزه شهباز ٽيون ڀيرو درج ڪيل درخواست موقف اختيار ڪيو ته لاهور هائيڪورٽ حلف وٺڻ جي باري ۾ فيصلو ڏنو پر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نٿو ڪيو وڃي  درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پنجاپ جي گورنر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي حڪم مڃڻ  کان انڪار ڪري رهيا آهن درخواست ڏيندڙ حمزه شهباز کان حلف نٿو ورتو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته صدر مملڪت ۽ گورنر کي حلف لاءِ فيصلي ۾ تجويز ڏني وئي پر ان جي باوجود حلف ناهي ورتو ويو درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته صوبي جي شهرين ۽ حمزه شهباز جي بنيادي حقن لاءِ هائيڪورٽ مداخلت ڪري ۽ صوبي کي آئيني طريقي سان هلائڻ لاءِ حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته حمزه شهباز سان حلف وٺڻ لاءِ نمائندو مقرر نه کڻن جا قدمن آئين جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.