ڪراچي ڏوهارين جي آماجگاهه بڻيل آهي:اعجاز سامٽيو

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو ،ڪراچي ڊويزن جي صدر منير مگسي، رزاق شر ۽ مخدوم شمس ايس يو پي ضلع اولهه جي صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول جي ڪلينڪ تي هٿياربندن پاران چڙھائي ۽ ڦر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڏوهارين جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. پهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سموري سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي ڏوهارين جي آماجگاہ لڳو پيو آهي. سنڌ جي عام ماڻهن کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن ۾ گل ڳوٺ ڪراچي مان 3 ڦرون ٿيون آهن جيڪي پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهن. پيپلز پارٽي جي حڪومت 14 سالن کان سنڌ جو امن امان سوڌو هڪ به مسعلو حل نہ ڪري سگهي آهي. اعجاز سامٽيو ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او سپر هاءِ وي کان مطالبو ڪيو آهي تہ ڊاڪٽر علي نواز گبول جي ڪلينڪ مان ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ سامان فوري طور واپس ڪرائڻ لاءِ تڪڙا اپاء وٺي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي جيئن عام ماڻهو محفوظ زندگي گذاري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.