70 هزار منٿلي ۽ عيد جو وڳو ڏيو، ٺڪراٺي ۾ اهلڪار جي وڊيو وائرل

ٺڪراٺو (رپورٽ: منيب انڍڙ ) ´70 هزار منٿلي ۽ عيد جو وڳو ڏيو`ٺڪراٺي ۾ پوليس اهلڪار پاران هوٽل مالڪ ارشاد مهتم کان پئسا گهرڻ واري آڊيو ڪال وائرل ٿي وئي۔ٺڪراٺي شهر ۾ قائم هوٽل جي مالڪ سان ارشاد مهتم مبارڪپور ٿاڻي جي اهلڪار شبير لنڊ فون تي رابطو ڪيو،جنهن دوران ٻنهي ۾ رمضان شريف دوران هوٽل کولڻ ۽ منٿلي ڏيڻ بابت دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي۔وائرل آڊيو ۾ اهلڪار هوٽل مالڪ کان  عيد جو وڳو گهري رهيو آھي۔ڳالهه ٻولهه دوران 70 هزار منٿلي جو حساب ڪتاب به ڪيو پيو وڃي، اهڙي آڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي سکر سرگرم ٿي ويو آھي۔جنهن اهلڪار بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

  • خيرپور لڳ ڳوٺاڻو گهر جي ڇت تان ڪري زخمي، اسپتال منتقل

خيرپور( ڊ ر )  خيرپور لڳ ڳوٺ ڪنڌڙا  ۾ اوچتو  وقار حسين ڌاريجو  جڳھ جي ڇت تان ڪري پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.