سوڀو ديرو ۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي جوابدار فرار، احتجاج

سوڀوديرو (ن ع آ) اڄ ڏينھن ڏٺي جو سوڀوديرو شھر جي مين روڊ ايورشائن ڪاليج ڀرسان سھتا ٽريڊرس جي مالڪ پ پ اڳواڻ رازعلي منڱڻيجو جي پٽ  راشد علي مڱڻيجو جي دڪان تي نامعلوم ٻٽ ٻڌل موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن  چڙھائي ڪئي ۽ ھٿيار ڪڍي ڦر جي ارادي سان ھٿيار سڌا ڪيا ان وقت دڪان اندر اٺن کان وڌيڪ ماڻھن پاران مزاحمت ڪرڻ سبب ھٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني دڪان اندر موجود ماڻھن زمين تي ليٽي پنھنجي جان بچائي  ۽ ڦر ڪرڻ کانسواء ھٿياربند فرار ٿي ويا ۔ شھر ۾ خوف ۽ ھراس پ پ اڳواڻ رازعلي ۔راشد منڱڻيجو۔حيدر علي۔ مشتاق علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سوڀوديرو پوليس ٿاڻو ۽ واقعي وارو ھنڌ پنجن منٽن جو مفاصلو آھي پر نااھل پوليس اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم گذرڻ بعد پھتي ۽ فارملٽي ڪري واپس ھلي وئي اسان واپاري عدم تحفظ جو شڪار آھيون ڏوھاري بغير ڪنھن خوف جي ڏينھن ھجي توڙي رات آرام سان ڏوھ ڪن ٿا سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ چورين ڦرن جو وڏو آزار آھي بدامني چوٽ چڙھيل آھي ڏوھارين کي کلي ڇوٽ مليل آھي سوڀوديرو پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بنيل آھي ڪجھ ٽائيم اڳ به منھنجي دڪان جي چوري ٿي ھئي ڏوھاري پڪڙيا ھيا پوليس رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيا متاثر آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو خلاف ڪاروائي ڏوھاري گرفتار ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.