اڏيري لال ڀرسان درزڪي دڪانن مان ڪپڙا چوري

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) اڏيرولعل لڳ کيبرشهر ۾  نامعلوم چورن پاران  درزين جي دڪانن مان هزارين روپين جي ماليت جا عيد جا ڪپڙا چوري .تفصيل موجب : اڏيرولعل لڳ کيبر شهر ۾ چورن درزين  مرتضا ملاح ۽ اصغر جي دوڪانن جا تالا ڀڃي سبيل اڻ سبيل هڪ سو جي لڳ ڀڳ وڳا ٻھاري ويا۔کيبرشهر ۾ نامعلوم چورن دوڪانن مان ڍيريون بٽڻ بڪرم ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا .کيبر پوليس غائب۔شھرين ۾ ڳڻتي .کيبر جي دوڪاندارن جو چوڻ آھي ته اسان رات 3 بجي تائين ڪم ڪيو آھي جنهن کان پوء دوڪان بند ڪري گهر ويا آهيون هنن وڌيڪ چيو  ته جيئن ئي اسان صبح جو دوڪان کولڻ  آياسين ته دوڪانن جا تالا ڀڳل هئا, جنهن جو اطلاع حد جي ٿاڻي کيبراڻي جي  پوليس کي ڏنو آھي پر کيبراڻي ٿاڻي جو ايس ايڇ او موڪل تي آهي.هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن آهن اسان جي دوڪانن تي غريب پورهيتن جا ڪپڙا پيل هوا جيڪي چور کڻي ويا آھن . هنن حد جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته چوري ٿيل  ڪپڙا ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.