سرجاڻي ۾ چورايل ڪتو هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

گڏاپ (ن ع آ) سورجاڻي ٽائون پوليس اسٽيشن جي حد عبدالرحيم ڳوٺ اندر , انڊس پريس ڪلب ڪراچيء جي جوائنٽ سيڪريٽري اسد بروهي جي پوري ملڪ اندر مشهور  پيٽ ڊوگ ڪينل مان ڪجھ ڏينهن اڳ, هڪ ڀلوڙ نسل جو سائبرين هسڪي ڪتو چورن طرفان چوري ڪيو ويو هئو .ان واقعي جي ڄاڻ سان گڏ ,  ان خلاف جوڳي ڪاروائيء لاء ھڪ درخواست حد جي  سورجاڻي ٽائون ٿاڻي  کي ڏني وئي هئي . جنهن تي حد جي پوليس عام رواجي طرح نٽ نٽاء کان ڪم وٺندي , چورن ۽ ڪتي جي ڳولها کان گسائيندي رهي هئي .جنهن خلاف انڊس پريس ڪلب ڪراچيء جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ اسد پيٽ ڊاگ ڪينل جي مالڪ اسد بروهيء , ايس ايس پي ڪراچي اولھ جناب فرخ ملڪ صاحب سان سندس آفيس ۾  ملاقات ڪري, سندس  چوريء جي ٿيل واردات  ۽ پوليس جي روايتي لاپرواهيء کان کيس آگاهي ڏني هئي .جنهن تي ايس ايس پي صاحب  تڪڙو ۽ مهلائتو  ايڪشن وٺندي , سورجاڻي ٽائون جي ڊي ايس پيء ۽ ايس ايچ او کي تڪڙا حڪم جاري ڪيا هئا ته       ” چو ويهن ڪلاڪن اندر (اسد بروهيء جو) چوري ڪيل ڪتو رڪور ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ مونکي رپورٽ ڏني وڃي” .جنهن تي گذريل رات دير سان , سورجاڻي ٽائون پوليس ڪامياب ڪاروائي ڪندي , چوري ٿيل ڪتي سميت هڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.