سيوهڻ مان ناري مبينا اغوا، مڙس جو احتجاج

سيوهڻ(ن ع آ)سيوھڻ جي اسٽيشن پاڙي جي رهواسي نوجوان سجاد سولنگي ڳورھاري زال جي مبينا طور اغوا ٿيڻ خلاف پنهنجي امڙ سان گڏ پريس ڪلب سيوهڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڄاڻايل نوجوان الزام لڳائيندي چيو ته منهنجي ڳورھاري زال عائشه سولنگي جيڪا رات ڏينھن فون تي ڳالهائيندي هئي جنھن کي منع ڪرڻ باوجود ڪريل حرڪتن کان باز نه آئي بعد ۾ ھو گذريل رات شڪ آھي ته زال گهران پنھنجي چاھيندڙ سان نڪري وئي آهي ھن چيو ته مونکي هڪ نياڻي جو اولاد به آھي ۽ زال اميد سان به آھي جڏھن ته اھڙي  شڪايت قاضي احمد ۾ رھندڙ ساھرن رابيه، حاڪم سولنگي محمد علي سولنگي سان ڪئي پر انهن به ڪو تدارڪ ته نه ڪيو پر ھو ان جي ابتڙ مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ ٿا چاهين. متاثر نوجوان ڊي آء جي حيدرآباد ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته زال واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.