نوابشاھه ( ڊ ر ) نوابشاھ جي ماڊل ڪورٽ 3 راشد علي اڄڻ جي عدالت جوابدار ڊپٽي ڊاريڪٽر قائد عوام يونيورسٹي نوابشاھ بدرالدين ميمڻ کي ڪوڙي چيڪ جي ڪيس ۾ 3 سال قيد ۽ 45 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي واضع رھي ته جوابدار بدرلدين ميمڻ مٿان الزام ھو ته ان فريادي ديدار علي دائودي کان نوڪري جي بھاني پئسا ورتا ھئا ۽ ضمانت طور چيڪ ڏنو ھو جيڪو چيڪ ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي فريادي نوابشاھ جي ايئر پورٽ ٿاڻي تي گناھ نمبر 25/2021 قلم 489_F تحت ڪيس داخل ڪرايو ھو.