اڪري چودڳي لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري ڀرسان حيدر شاھ اسٽاپ وٽ مهراڻ هاء وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ٽيڪسي ڊرائيور سميت هڪ ئي گهر جا چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ٻہ سڳا ڀائر ديدار ۽ذوالفقار خاصخيلي هڪ سندن سئوٽ نسيم ،نعيم خاصخيلي ۽ٽيڪسي ڊرائيور مصري خاصخيلي شامل آهن زخمين کي مقامي ڳوٺاڻن چنگچي رڪشائن ذريعي اڪري جي خانگي اسپتال پهچايو جتان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين ڪرونڊي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيوويو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻن ڄڻن نعيم ۽نسيم جون ٽنگون ڀڄڻ سبب کين نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏهن تہ ٻن زخمين کي اڪري جي خانگي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي ويئي حادثي جو شڪار ٿيندڙ مزدوري بعد گهر واپس وڃين رهيا هئا تہ حادثي جو شڪار ٿي وياپيروسڻ پوليس ڪار کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.