ڪنري ويجھو اڌڙوٽ شخص جو لاش ھٿ

ڪنري (ت ر) ڪنري جي نبي سر واھ مان پنج پُلي وٽ اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو، واٽ ويندڙ ماڻھن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پھچي لاش واھ مان ٻاھر ڪڍرايو جنھن بعد لاش جي سڃاڻپ 58 ورھين جي محمد اشرف شيدي طور ٿي، پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي واسين موجب فوتي واھ ۾ وھنجڻ آيو ۽ ٻڏي ويو جنھن سبب سندس فوتڪي ٿي. فوتي ڪوٽ ميرس جو رھواسي آھي جيڪو ڪجھ مھينن کان ڪنري ۾ رھائش پذير آھي. فوتي ٻن نياڻين جو پيءُ ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.