اوٻاوڙو لڳ جي ٻن مغوين مان هڪ ڌاڙيل وڻ ٻڌي ڇڏي ويا، ٻيو گم

اوٻاوڙو ) رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد مان ھڪ ھفتو اڳ ڳوٺ پٺاڻ خان رند جا رھواسي نوجوان اصغرعلي رند ۽ لقمان رند نامعلوم اوٻاوڙو کان گھر ويندي رستي مان نامعلوم ھٿيار بندن ھٿان اغوا ٿي ويا ھئا ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود رانوتي پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگھي ھئي، جتي اڄ صبح جو اسرويل ھٿياربندن مغوي لقمان رند کي  سي پيڪ پوليس چوڪي ويجھو وڻ سان ٻڌي بيھوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جتي علائقي واسين لقمان رند کي وڻ سان ٻڌل بيھوشي واري حالت ۾ پيل ڏسي رانوتي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پھچي نوجوان کي کڻائي اسپتال پھچايو جتي نوجوان کي طبعي امد ڏيڻ بعد ھوش ۾ اچڻ بعد ٿاڻي تي کڻي آئي خبر پوڻ تي نوجوان جا وارث وڏي انگ ۾ رانوتي ٿاڻي تي پھچي ويا جتي پوليس بازياب ٿيل نوجوان کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مغوي گھر پھچڻ تي خوشي جي لھر ڇائنجي وئي گھر ڀاتي خوشي ۾ بھار ٿي ويا جڏھن ته نوجوان  اصغر علي رند اڃان تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.