سکر(رپورٽر) مائڪرو ڪالوني سکر جي رهواسين علائقي جي بااثر شخص خلاف احتجاج مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهو آهي ته علائقي جي بااثر شخص مولوي خدا بخش چاچڙ پنهنجي ساٿين ياسين، عمر ۽ بپاهه اعواڻ سان ملي ڪري اسان جي ٻن ماڻهن اڪرم ۽ شوڪت علي شر سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن ۽ بااثر مولوي پاران الٽو اسان جي زخمي نوجوان تي ڪيس داخل پڻ ڪرايو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر مولوي ۽ سندس ساٿين جي زيادتين جو نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.