پني عاقل ۾ سنڌ سرڪار جي حڪم تي جانورن کي ٽڪا لڳايا ويا

پنوعاقل ( ت ر ) ڳائي مال ۾ بيماريءِ پوڻ بعد وزير اعليٰ سنڌ جي حڪم تي پوري سنڌ جيان  پنوعاقل ۾ به تعلقي وٽنري ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو جي ڪوششون سان 25 ھزار کان وڌيڪ بيماريءَ جي بچاءُ جا ڳائي مال کي ٽيڪا لڳايا ويا، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو جو چوڻ آھي ته ھن پنھنجي 9 ڊاڪٽرن  توڙي ٻين ملازمن جي ساٿ سان ھتي شھر توڙي ٻھراڙي ڪچي پڪي جي سوين ڳوٺن ۾ پھچي لکين رپين جي خرچ سان سروي ڪري چوبائي مال جو علاج ڪرايو آھي، ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت جي حڪم تي پوري سنڌ جيان پنوعاقل ۾ ھزارين ڳائي مال کي بيماريءَ جي بچاءَ لاءِ ٽيڪا ھڻايا ويا آھن ۽ اسان سروي واري عمل کي جاري رکڻ سان گڏ ويڪسينيشن کي به تيز ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.