ڏوڪري پبلڪ لائبريري مان چور موٽر ۽ ٻيو سامان لاهي ويا

ڏوڪري ( ن ع آ ) علي پارڪ ڏوڪري ۾ قائم غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري ۾ نامعلوم ماڻهن پاران لائبريري ۾ قائم واش روم ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ سبب ٽانڪيون، واش بيسن سميت ٻئي سينيٽري جي سامان کي نقصان پهچايو ۽ لائبريري جي اڱڻ تي لڳل پاڻيءَ وارو موٽر لاهي فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ غلام مصطفي جتوئي پبلڪ لائبريري ڏوڪري ۾ مطالعو ڪندڙ شاگردن مقصود عباسي، معراجِ ميمڻ، نعيم انصاري ۽ ٻين شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگردن پنهنجي مدد پاڻ تحت ۽ شهر جي مخير حضرات کان چندو وٺي لائبريري ۾ شاگردن کي درپيش مسئلن لاءِ گڏجي ڪم ڪندا آهيون افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن لائبريري ۾ لڳل پاڻيءَ جو موٽر، ٽانڪيون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن، جڏهن ته واش روم ۾ لڳل ٽانڪيون پڻ ٽوڙ ڦوڙ ڪري ڀڃ ڊاهه ڪري ويا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اسين ڏوڪريءَ جي انتظاميا کان گهر ٿا ڪريون ته بنا دير لائبريري مان نقصان ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ لائبريري ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

  • ماٿيلي ۾ ڊي ايف سي گهوٽڪي خلاف چوڪيدار جو احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايف سي گھوٽڪي اختر خان بوزدار خلاف ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن ڪمال مھر، خادم حسين، ضمير مھر ۽ ٻين چيو ته محڪم دين مھر جيڪو خوراڪ کاتي ۾ چوڪيدار آھي  جنهن ڊي ايف سي اختر بوزدار کان ڪجھه ڏينهن جي موڪل گھري جنھن  تي ھو چوڪيدار مٿان ڏمرجي پيو ۽ ھڪ ڪلاڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ھن مٿان ذھني ٽارچر ڪيو جيڪا ناانصافي ۽ ظلم آھي، هنن چيو ته چوڪيدار محڪم دين مهر دل جو مريض آهي، هن سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايف سي اختر بوزدار کي ھٽائي چوڪيدار محڪم دين مھر سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.انھي حوالي سان عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف سي اختر بوزدار ٻڌايو ته آءُ ڪراچي آهيان مون کي ڪا ڄاڻ ته مون خلاف ڪا وڏي سازش ڪئي پئي وڃي.

ڏوڪري  پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ مامرو، ٻيهر چڙهائي، عورتون  مرد  گرفتار

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪري جي ڪچي واري علاقي ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيدي لاشاري ۾ گهربل جوابدار بادل لاشاري جي گرفتاري سبب پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ پئدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد پوليس ڪچي واري علائقي ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي پوليس ڪاررواين ۽ چڙهائيون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ڪالهه ٽئين ڏينهن به مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري زمين تي لابارو ڪندڙ جوابدار ڌر جي عورتن کي مبينا طور کنڀي گم ڪر ڇڏيو آهي ذريعن موجب عورتن کي ڏوڪري ٿاڻي تي نظر بند رکيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي ڏوڪري پوليس ميڊيا کي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس رن ٻاري ڏنو آهي اسان جي گهرن تي چڙهائيون ڪري عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.