ڊکڻ واسي نوجوان ڪراچي ۾ مبينا ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

ڊکڻ ( ن ع آ ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ علي محمد رند واسي نوجوان احسان علي رند ڪراچي ۾  مبينا ڏوهارين جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پيو،جيڪو ڪراچي جي  اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،جنهن جو مڙھ اباڻي ڳوٺ علي محمد رند آندو ويو،جتي جنازي نماز بعد کيس سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ مبينا ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان احسان رند جي ڀاءُ ذوالفقار رند ٻڌايو ته ڪالھ ڪراچي جي ڪورنگي جي انڊس اسپتال ويجهو ڦورن موٽرسائيڪل تي سوار اسانجي نوجوان تي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو،جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي جناح اسپتال ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.