سڪرنڊ مان کنڀي گم ڪيل پورهيت آزاد، گهر ۾ خوشي جي لهر

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شھر جي اصغر ڪالوني مان يارنھن ڏينھن اڳ گھران کنڀي گم ڪيل سينئير صحافي عزيزلاکو جو ننڍو ڀاء پورھيت فدا حسين لاکو گذريل رات حيدرآباد مان بازياب گھر پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ خوشيء جي لھر ڇائنجي وئي ۔ بازياب ٿيل نوجوان پورھيت فدا حسين لاکو ميڊيا کي ٻڌايو ته 19 اپريل تي رات جو ٻين وڳي پوليس ۽ سادا ڪپڙا پھريل اھلڪارن مون کي گھران کنڀي نامعلوم ھنڌن تي رکي مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي بعد ۾ مون کي گذريل رات ٻارھين وڳي حيدر آباد ڇڏي ھليا ويا ھن چيو ته منھنجو ڪنھن به قومپرست پارٽي سان تعلق ناھي آئون مسڪين غريب آھيان پورھيو ڪري ٻچن جو گذر ڪندو آھيان مون کي غلط فھمي جي بنياد تي مون کي کنڀي کڻي ويا ھئا ۔ جڏھن ته سينئير صحافي عزيزلاکو ٻڌايو ته منھنجي ڀاء کي 19 اپريل تي گھران کنڀي گم ڪري ڇڏيو ھو جنھن کي ڪالھ رات ٻارنھين وڳي حيدرآباد ۾ ڇڏي ھليا ويا ۔ جڏھن ته بازياب ٿيل نوجوان فدا حسين لاکو گھر پھچڻ تي سندس معصوم ٻارڙا پنھنجي پيء کي خوشيء مان بابا ڪري چمبڙي پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.