ڄامشوري ۾ قومي ڪارڪن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جروار ۾ ڌرڻو

ميرپورماٿيلو / جروار ( نمائندن وٽان ) ميرپورماٿيلو ڄامشورو پوليس پاران قومي ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، مظاهرو، ڌرڻو، ڄامشورو پوليس خلاف سخت نعريبازي، ڄامشورو پوليس بغير ڪنهن ڏوھ جي جروار سان واسطو رکندڙ قومي ڪارڪنن کي رستي ويندي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻ تفصيل موجب ڄامشورو پوليس پاران قومي ڪارڪنن کي بنا جواز گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جروار ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان حوالي سان مختلف قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن ماٿيلو چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن نثار گبول، نجيب حسين، ساحل ۽ ٻين چيو  ته جروار سان واسطو رکندڙ پنج  قومي ڪارڪنن کي ڄامشورو پوليس پاران بناجواز گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن هنن وڌيڪ چيو ته ڄامشورو پوليس بغير ڪنهن ڏوھ جي قومي ڪارڪنن شاهد گبول، شڪيل گبول عامر گبول، زاهد گبول، عبيدالله بوزدار ۽ ٻين کي رستي ويندي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سڀني قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

  • کپري جي دڪان مان چور رقم چورائي فرار ٿي ويا

کپرو (ت ر) رات ديرسان لورو شاهي بازار جي دڪان مان چوري جي واردات خبرموجب رات کپرو جي شاهي بازارمان جوابدار  تلسي داس واڻئي جي ڪنفيڪيشنري جي 2 ماڙ دڪان جي ڇت ڦاڙي ڲلي مان 40 هزار روڪ رقم ڄوري ڪري فرار اطلاع ملڻ تي ايس ايچ او کپرو اسلم بلو متاثر دڪان جو معا ئنو ڪري دڪان مالڪ کان تفصيل ورتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.