تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهل بجاراڻي ۾ بهلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جا وار ڪندي هڪٻئي جي 16 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ بالاچ، بهادر، خيرجان،مزار، فائق،ممتاز، شير دل، خميسو، گامڻ، پٺاڻ،سينگار ۽ ٻيا شامل آهن،زخمين کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيوويو، جڏهن تہ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو.