منهڙو (ن ع آ) منھڙو ڀرسان دوڙ – منھڙو روڊ تي ڀيڄ پاڳارا اسٽاپ وٽ نوابشاھ کان مصرجيواء ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ چاڪر بوزدار, بلاول بوزدار, نظام ڀٽي, وھاب ڏاھري ۽ ٻه عورتون شامل آهن زخمين کي فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گھر روانو ڪيو ويو.