کپري ڀرسان ٻڏي ويل ڌنار جو لاش نه مليو، وارثن جو مظاهرو

کپر (ت ر) کپرو ويجهو ڪل شام ناراڪينال ۾ خليفي عاقل هنڱورو موري وٽ چوپائي مال جا 2 ڌنار وهنجندي ٻڏي ويا ٻن ڪلاڪ جي ڳولا کانپوء مقامي ٽوٻن ذريعي هڪ ڌنار لعل محمد  گجو جو لاش هٿ ڪيو ويو جڏھن ته ٻيو لاش محرم ولد محمد هنڱورو جو لاش 15 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ نه آئيو مقامي ٽوٻن جي ڳولا جاري آهي جڏھن ته ناانتظامي نااهلي سبب آبپاشي کاتو ڪابه مدد نه پيو ڪري محرم ولد محمد هنڱورو جو لاش هٿ نه ڪرڻ ۽ ناراڪينال جو پاڻي بند نه ڪرڻ خلاف هنڱورو برادري جي عطا محمد , مٺو , محمد هنڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي شھيد چوڪ کپرو تي آبپاشي کاتي جي انجنئر منصور ميمڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته کپرو جي آبپاشي عملو اسان جي ڪابه مدد نه پيو ڪري اسان جو نوجوان ڪل کان ٻڏل آھي ان جو لاش نه پيو ملي اسان آبپاشي عملي کي چيو ته ناراڪينال جو پاڻي بند ڪيووڃي اسان جي دانهن آبپاشي کاتي جا ڪامورا ٻڌڻ لاء تيار ناهي اسان ڪنهن کي دانهن ڪيون هنن چيف انجنيئر ۽ ڊائريڪٽر ناراڪينال کان مطالبو ڪيو آھي ته ناراڪينال جو پاڻي بند ڪري ٻڏي ويل محرم ولد محمد گجو جو مڙھ جي ڳولا ڪري اسان جي داد رسي ڪئي وڃي نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.