ٿاڻو بولا خان ويجهو پوليس جي چڙهائي، 6 جوابدار گرفتار ، سامان هٿ

ٿاڻو بولا خان (ن ع آ  )  ٿاڻي بولا خان تعلقي ۾ وڌندڙ چورين جي وارداتن ۽ زرعي زمينن تان  مسلسل ڪافي عرصي کان سولر پليٽون  انويٽر ۽ چوپائي جانورن  جي وڌندڙ چورين جي وارداتن جي واقعن جون پوليس اسٽيشن ٿاڻو بولا خان تي فريادين ڌڻي بخش باريجو ۽ گل حسن لالاڻي جي فرياد تي6  ساڳين جوابدارن مٺو خاصخيلي غلام حسين خاصخيلي  نيڪ محمد بروھي  وريام  باريجو عباس باريجو  بچل باريجو خلاف ٻه الڳ الڳ ايف آئي آرون داخل ڪيون ويون آھن ٿاڻو بولا خان  پوليس ۽ سي آئي پوليس حيدر آباد ھيڊڪوارٽر  جي پوليس  جي گڏيل  طور  ڪاروائي  ڪندي چورين ۾ ملوث 5  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ھڪ جوابدار روپوش آھي جنھن جي ڳولا جاري   آھي چورين جي  حوالي سان  ايس ايڇ او ٿاڻو بولا خان فرمان ابڙو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته   چورين ۾ گرفتار ٿيل چورن اعتراف ڪيو آھي ته ڄامشوري اتحاد جي اڳواڻ   ملڪ چنگيز خان جي چوڻ تي ڪوھستان جي مختلف زمينن تان  سولر پليٽون  انويٽر  ۽ ٻيو سامان  چوري ڪيو آھي ٻئي طرف جوابدارن  مٺو خاصخيلي نيڪ محمد بروھي  غلام حسين خاصخيلي  ٻين چيو ته اسين ڪوھستان ۾ ملڪ چنگيز خان جي چوڻ  تي چوريون ڪندا آھيون ھي جيڪي به سولر انويٽر چوپايو مال چوري ڪيا آھن صرف ملڪ چنگيز خان جي چوڻ تي ڪيا آھن  ملڪ چنگيز خان اسان کي مختلف وارڌاتن ۾  مختلف جڳين تي استعمال ڪندو رھيو آھي آھي چوريون ڪرڻ کان پوء  ملڪ چنگيز خان اسان کي بنگلي تي  ڪيش پيسا  ڏيندو ھو  ٻئي طرف تعلقي ٿاڻي بولا خان مختلف چورين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن سميت ۽  انھن وٽان ھٿيڪو ڪيل چوري جو سامان  سولر انويٽر  چوپايو مال ۽ ٻيو سامان پوليس ھيڊڪوارٽر  حيدر آباد  پيش ڪيو  ويو پوليس لائين  هيڊ ڪوارٽر ۾  ايس ايس پي انيل  حيدر ڊي ايس پي غلام عباس گاڏھي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ڊي آ۽ جي حيدرآباد جي حڪم تي اسان ٿاڻي بولاخان ۾ ڪاروائي ڪندي چوپايو مال چوري ڪرڻ سولر پليٽون انويٽر چوري ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن وٽان 20 ٻڪر ۽ ٻيو سامان رڪورڪيو ويو آهي هنن چورن سان ملڪ چنگيز جي فون ڪال جي رڪارڊنگ پڻ اسان کي چورن وٽان وصول ٿي آهي  ان موقعي تي ڪوهستان جي رهواسين ۽ فريادين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  تہ اسان جو علائقو ڪوهستان پرامن علائقو آھي جتي هنن چورن رڻ ٻاري ڏنو هو پر اسان جي ڪوهستان جي سردار پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر جي ڪوششن سان هي چور پڪڙيا ويا آهن جنهن ڪري اسان جو چوري ٿيل مال ۽ ٻيو سامان واپس مليو آهي جنهن ڪري اسان کي خوشي ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.