سوشل ميڊيا ڪارنر

مقدس جڳهه جو به احترام نه ڪيو ويو

مديني منور ۾ شھباز شريف ۽ سندس ڪابينا سان جنهن قسم جو واقعو پيش آيو آھي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان ڪهڙي حد تائين سياست کي بيهودگي ۽ بدتميزي جو سامان ٺاهي ڇڏيو آھي۔ سندس پوئلڳ مقدس جاين جو به احترام وساري ويٺا آھن۔ ڀلا انهيءَ هنڌ کان وڌيڪ ادب جو ٻيو ڪو مقام ٿي سگهي ٿو!؟ جنهن پاڪ جڳهھ تي اوچي آواز ۾ ڳالهائڻ گستاخي ۾ شمار ٿئي اتي اهڙي هُلڙ بازي مان ظاهر آهي ته انهن ماڻھن جو ڪو دين ايمان ۽ عقيدو ناهي۔ اهو سڀ ڪرڻ جي لاءِ ٻيون ڪيتريون جايون ٿي پئي سگهيون!

ايوب گل جي پوسٽ

سازش…….ناڪام

هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت پي ٽي آءِ وارن ۽ شيخ رشيد ملي ڪري اهو حربو استعمال ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي بد اخلاقي واري پوسٽون شئير ٿي ڪيون. انهن اهو سمجهيو ته ان سان موجوده حڪومت جي جگ هسائي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هئو. انهن گندي سياست استعمال ڪندي اهو وساري ڇڏيو ته اهي مقدس مقامات جي بي ادبي جا مرتڪب ٿيندا ۽ سندن وڇايل ڄار سندن ڳاٽي وڃي پوندو.انسان پوءِکڻي ڪيترو به گنهگار هجي پر حرمين شريفين ۾ اچي هو رب سان تعلق قائم ڪري پنهنجا گناهه بخشرائڻ ايندو آهي… اهو ته الله جو رسول ﷺ جو مهمان هوندو آهي.مقدس جائين جي حرمت ۽ تقدس هوندو آهي. اهي خالص عبادت جي لاءِ آهن.الله پنهنجي مهمانن کي ڪيئن رسوا ڪندو.

سڄي دنيا مان سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ وارن جي هن ڪڌي حرڪت جي ڀرپور مذمت ٿي. سعودي عرب وارن نيٺ انهن شر پسندن تي گهيرو تنگ ڪري مٿن قانوني ڪارروائي لاءِ قدم کنيا.

افتخار علي چوهاڻ جي پوسٽ

عمران نيازيءَ جو فلمي دنيا ۾ پير پائڻ

وزارت عظمي جي ڪرسي وڃائڻ کانپوءِ عمران نيازيءَ فلمي دنيا ۾ پير پاتو، خليل الرحمان قمر جي ايندڙ فلم "رات کو عدالتیں کیوں لگائی گئیں” ۾ ڪاسٽ. فلم ۾ نيازي طاقتور ولين جي روپ ۾ نظر ھوندو، جڏھن ته فلم جو ھيرو اداڪار شان ھوندو. فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ معاھدي وقت اداڪار شان، اداڪار عمران نيازي ۽ فلم جي ليکڪ توڙي پروڊيوسر خليل الرحمان قمر جو گروپ ڦوٽو….

نادر علي مغيري جي پوسٽ

۽ جڏهن ڪورٽ منيشا کي وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو

ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا بعد مذھب تبديلي جو شڪار بڻيل ھندو نياڻي منيشا ميگھواڙ جنهن کي ڪوٽ ڏجي پوليس، ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي نياڻي منيشا کي بازياب ڪرائڻ کان پوءِ ھائيڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو،جنهن بعد نياڻي منيشا پنهنجي وارثن جي حق ۾ بيان ڏنو ته مون کي زبردستي اغوا ڪري مذھب تبديل ڪرائڻ بعد شاھد ميمڻ سان نڪاح ڪرايو ويو جنهن کي مان نٿي مڃان، مون کي مائٽن ڏي وڃڻ ڏنو وڃي، جنهن بعد ڪورٽ سڳوري منيشا کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي

سوشل ميڊيا پوسٽ

مغلن جي آخري دور جو قصو

آخري مغل بادشاھ بھادر شاھ ظفر جي وقت ۾ کيس انگريز سرڪار طرفان ڊپٽي ڪمشنر جي ھٿان مهيني جو وظيفو ملندو ھو. ھڪ دفعي ان ڊپٽي ڪمشنر معزول بادشاهه سلامت کي چوائي موڪليو ته اڄ رات جو آئون توھان جو مھمان آھيان. مغل حڪمران جي خاندان جا سڀ فرد رات جو کيس تمام اھتمام سان مليا ۽ سندس خاطر تواضع جو انتظام به ڪيائون. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب فرمائش ڪئي ته مون ٻڌو آھي ته توھان جي فلاڻي شھزادي تمام سُٺو ڊانس ڪندي آھي، مون کي اڄ سندس ڊانس ڏسڻي آھي. مغل تمام پريشان ٿي ويا سندن غيرت اھو گوارا ڪونه پئي ڪيو ته شاھي گھراڻي جي شھزادي انگريز آفيسر جي اڳيان ڊانس ڪري پر مجبوري ۾ ڳاڙھا پيلا ٿيڻ جي باوجود کين شھزادي کي گھرائڻو پيو. جڏھن شھزادي نچڻ شروع ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنھنجي چيلھه ۾ ٻَڌل خنجر کولي سامھون رکي ڇڏيو ۽ اکيون بند ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪندي خنجر کي ڏسندو رھيو ته ڪيڏي مھل ڪنھن مغل کي غيرت نه اچي. ۽ اھو خنجر کڻي مٿس حملو ڪري. انگريز آفيسر جي اچڻ تي اھو اصول ھوندو ھو ته مغلن کان ھٿيار پھريان ئي وٺي ڇڏبا ھئا، ھنن وٽ ته ھٿيار ڪونه ھئا ان ڪري اھوئي چانس ھو ته ھو ھن کي ننڊ ۾ سمجھي ھنجو ئي ھٿيار کڻي مٿس حملو ڪن . ناچ ختم ٿي ويو پر ڪنھن به مغل خاندان جي فرد حملو نه ڪيو. ڊي سي پنھنجو خنجر کڻي واپس آيو ۽ فوراً برطانيه خط لکيائين ته ھاڻي مغلن مان ڊپ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪونھي. ھنن مان غيرت بلڪل ختم ٿي چُڪي آھي. کين وظيفي جا پئسا پنھنجي عزت کان وڌيڪ پيارا آھن.تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته جڏھن قومون پئسن کي عزت کان وڌيڪ پيار ڪنديون آھن ته پنھنجي غيرت ۽ آزادي وڃائي ويھنديون آھن.

قاضي زين العابدين جي پوسٽ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.