توشه خاني ۾ منهنجو به حصو آهي

نذير سومرو

تنهنجو مليل ڇلو مان چيچ ۾ پائي ڇڏيو آهي ان ڪري جيئن مان ان کي تمام سولائيءَ سان ڏسي سگهان. ان ڏانهن ڏسندي مون تي ڪنهن کي شڪ به نه ٿئي ۽ مان جڏهن چاهيان پنهنجي هٿ کي پنهنجي وات جي ويجهو ڪري هڪ تڪڙي چمي به ڏيئي سگهان. رات جو ساڳيو هٿ پنهنجي ڳل هيٺان ڏيئي سمهندي آهيان جيئن اهو ڇلو ڳل ۽ چپن جي ويجهو رهي. اهو ڇلو ڪو عام ڇلو ڪونهي اهو تون ڏنو هو ان جي قيمت هن دنيا ۾ ڪَٿي نه ٿي سگهجي.

تحفو ڀلي هڪ ٽڪي جو هجي يا هڪ ارب جو تحفو تحفو ئي هوندو آهي. جنهن جي قيمت پئسن ۾ ڏيئي وٺي نه ٿي سگهجي پر سرمائيدار دنيا جتي هر شيءَ کي وکر بڻائي ٿي اتي محبت جو به ملهه ڪري ٿي. عشق جيڪو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي ان پويان سرمائيداريءَ جون مهربانيون ئي آهن جو ڀاڪر جا ملهه ڏنا ورتا وڃن ٿا.

اسان جي ملڪ جي وزير وڙن کي به ٻين ملڪن جي بادشاهن کان تحفا ملندا رهندا آهن اڳي ته ڪونه باقي سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ  انهن تحفن سان ٿيندڙ ويڌنون ”ٻاهر“ اچي وڃن ٿيون. اڳي اهي سڀ هڙپ ٿيندا هئا پر ذڪر ڪونه ٿيندو هو هاڻي اهي هڙپ ٿين ٿا پر انهن جو ذڪر لڪي ڪين ٿو. هونئن ته ڪيترا ڪلور ٿيل آهن پر تحفي ۾ مليل واچ جو ذڪر سڀ کان جدارو آهي. هاڻي اهو قصو ايترو ”ٻاهر“ آيو آهي جنهن موجب هڪ بادشاه سلامت ٻه واچون ٺهرايون جن مان هڪ پاڻ کنيائين ۽ ٻي اسان جي ملڪ جي وزيراعظم صاحب کي ڏنائين. اسان جي ملڪ جي صاحب اها واچ وڪرو ڪرڻ چاهي جيئن ته هن واچ جو گراهڪ ملڻ سولو ڪونه هو تنهنڪري وڪري جو سفر ٿورو ڊگهو ٿيو ۽ اها واچ ساڳي ئي ڪمپنيءَ تائين پهتي. ڪمپنيءَ پاران واچ ٺهرائيندڙ کي ٻڌايو ته اوهان جيڪي ٻه گهڙيون آرڊر تي ٺهرايون هيون انهن منجهان هڪ وڪري لاءِ  آئي آهي ان سائين حڪم ڪيو ته اها واچ خريد ڪري مون ڏانهن موڪليو. بادشاهي حڪم هو واچ خريد ڪري هنن کي پيسا ڏنا ويا ۽ واچ بادشاه سلامت ڏانهن موڪلي ويئي.

اهو قصو ”اصل وڏو قصو باتصوير“ ٿي دنيا ۾ هليو نه پر ڊوڙيو آهي هن قصي پڙهندي/ٻڌندي منهنجي ذهن ۾ رڳو ٻه سوال اڀرن ٿا. پهريون ته ڇا سوچيو هوندو ان بادشاه جنهن پنهنجو ڏنل تحفو بازار ۾ وڪري لاءِ  پيش ٿيڻ جي خبر ٻڌي هوندي. هن جي ذهن ۾ ملڪ جي وزيراعظم صاحب/ملڪ/ملڪي عوام لاءِ  ڪهڙا تاثرات اڀريا هوندا. ڇا هن اهو سوال ڪيو هوندو پنهنجو پاڻ کان ته تحفو ان کي ڏجي جيڪو ان جو قدر به ڄاڻي. ڇا اها تحفي ڏيندڙ جي توهين ڪونهي ۽ هي بادشاه سلامت (جيڪي هن لحاظ کان وڏا حساس هوندا آهن) ڪهڙي ڪيفيت منجهان گذريو هوندو!

تحفن سان ويڌنو اڳ به ٿينديون رهيون آهن چون ٿا ائين ڪنهن خليفي جي وقت به ٿيو هو جنهن تي ان انصاف پسند خليفي ان کي سزا ڏني ۽ حڪم ڪيو ته اهي تحفا توکي تنهنجي عهدي جي ڪري ملندا آهن تنهنڪري اهي عوام جا آهن ۽ اهي بيت المال ۾ جمع ٿيڻ گهرجن. حقيقت به اها ئي آهي ته اهي تحفا عهدي کي ملن ٿا ۽ عهدو ملڪي عوام پاران بخشيل هجي ٿو تنهنڪري ان تحفي مٿان عوام جو ئي حق آهي.

ٻيو سوال جيڪو ذهن ۾ اڀري ٿو ته جن ماڻهن واچون وڪيون آهن انهن باقي پوئتي لاءِ  ڇا ڇڏيو هوندو! هي ته شاباس آهي سوشل ميڊيا کي جو هاڻي ڳالهه لڪي ڪونه ٿي. مون اڳي به پنهنجي ڪالمن ۾ لکيو آهي ته عمراني دور جون چوريون جڏهن سامهون اينديون ته اڳ ۾ ٿيل وارداتون وسري وينديون. هن بدقسمت سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻين تي چوريءَ جا الزام هڻندڙ عمران خان پاڻ ڇا پيو ڪندو رهيو آهي اهو هن هڪ ڪيس مان ئي ظاهر آهي جڏهن ته هڪ وڏي فهرست اڃان ”پنڌ“ ۾ آهي. اڃان ته هڪ عورت جنهن جي هٿ ۾ ڪروڙن جو پرس هو اها رڳو خالي پرس جي قيمت آهي ان ۾ ڪيتري رقم جا سامان پيل هئا انهن جو ڪاٿو اڃان باقي آهي. نيب به هن مائي مٿان ڪيس هلائڻ جي تياري پئي ڪري. هيءَ عورت ته ڏاڪڻ جو هڪ ڏاڪو هئي سمورا ڏاڪا جڏهن هڪ ٻئي سان ڳنڍيا ويندا ته نتيجو ڪهڙو ايندو اهو سوچي به لڱ ڪانڊاريو وڃن!

هيءَ ساڳي نيب آهي جيڪا هڪڙن جي لاءِ  هيرو ته ٻين لاءِ  زيرو رهندي آئي آهي. اهو الزام پراڻو به آهي ته گهڻي ڀاڱي صحيح به آهي. ڏٺو ويو آهي ته نيب انصاف بجاءِ انتقام لاءِ  استعمال وڌيڪ ٿي آهي هاڻي جڏهن ملڪ ان ڏاڪي تي پهتل آهي جتي ننڍڙي غلطي به وڏو هيجان پيدا ڪري سگهي ٿي ته نيب کي آزاد ڇڏيو وڃي يا نيب کي وڏي ڪورٽ ماتحت ڪري ان جي ڪارڪردگيءَ تي ڪڙي نظر رکي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.