راڌڻ ۾ نئين ڳوٺ پوليس جي زيادتين خلاف ريلي، ڌرڻو

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ ڀرسان ڳوٺ مٺو لاکير جي رھواسين پاران نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نئون ڳوٺ پوليس بااثر ماڻھن خلاف سخت ناريبازي ڪري متاثرن ھدايت خاتون حاجاڻي خاتون ارباب لاکير ۽ ٻين پاران صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته نئون ڳوٺ پوليس اي ايس آء محمد خان سولنگي ۽ ٻيا پوليس وارا بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي پرائيويٽ سول ماڻھن محمد لاکير خدن لاکير امتياز لاکير ۽ ٻين سان گڏجي ڳرن ھٿيارن جي زور تي اسان جي زرعي زمين مان لکين رپين جا وڻ وڍي رھيا آھن جيڪو اسان سان سراسر ظلم ناجائزي آھي جڏھن ته ان زرعي زمين جو ڪيس ڪورٽ ۾ پڻ ھلندڙ آھي جڏھن ته نئون ڳوٺ اي ايس آء محمد خان سولنگي پوليس ورڌي جي ڏاڍ تي اسان سان بيواجبي ڪري رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان چيف جسٽس پاڪستان سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاھ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ھن مسئلي جو نوٽس وٺي نئون ڳوٺ پوليس ۽ بااثر ماڻھن خلاف صاف شفاف انڪوائري ڪرائي سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.