وقت جو انتقام؟

نياز احمد کوسا ايڊووڪيٽ

وَقت گُذر جاتا ہے سب کا اور یادیں رِہ جاتی ہیں

کام تو ہو جاتے ہیں صاحب ! بَس باتیں رِہ جاتی ہیں

ڪراچي ۾ نوڪري  دوران  اڳوڻي ڊي جي، ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ اڳوڻي ڊي جي ،ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي صاحب جڏهن ايس پي هئا ته مان به هنن سان گڏ ايس پي هوس.

بشير ميمڻ صاحب، ثناءُ الله عباسي صاحب، اي ڊي خواجا صاحب، امير شيخ صاحب، عبدالخالق شيخ صاحب، سلطان خواجه صاحب ۽ نجف مرزا صاحب پاڻ ۾  گهرا دوست هئا. پوءِ آهستي آهستي سڀ ترقي ڪندا ويا ۽ آخرڪار بشير ميمڻ ڊي جي، ايف آءِ اي بڻجي ويو.

توهان سڀني کي خبر آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ،بشير احمد ميمڻ صاحب کي  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  خلاف ڪوڙي ڪيس جوڙڻ کان انڪار بعد ڊي جي ،ايف آءِ اي، جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ بشير ميمڻ جي ويجهي دوست ثناءُ الله عباسي صاحب کي ،ڊي جي، ايف آءِ اي، بڻائي ڇڏيو.”هوئي تم دوست تو دشمن ڪي ضرورت ڪيا هئي“ جي مصداق مسٽر ثنا الله عباسي صاحب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪم تي پنهنجي گهري دوست تي ٻه ڪوڙا ڪيس ٺوڪي ڇڏيا.

صبح کے تخت نشین شام کو مجرم ٹھرے

ہم نے پل بھر میں نصیبوں کو بدلتے دیکھا

هاڻي حالتن جي جي ستم ظريفي ڏسو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اخلاف ڪارروائي کان انڪاري ٿي ويو. ۽ سڄو الزام فروغ نسيم تي مڙهي رهيو آهي ته هن غلط قدم کنيو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جسٽس فائز عيسيٰ  جي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ، ثناءُ الله عباسي، اڳوڻي آءِ جي ۽ پنهنجي دوست بشير ميمڻ کي به نه بخشيو  ۽ هاڻي عمران خان به ڦري ويو آهي، ته هاڻي ثناالله  عباسي جي جوڙيل ڪيس تي ۽ ثناالله عباسي  جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان آهن.

اطلاع اهي  آهن ته  نجف مرزا ڊي جي نيب ڪراچي تي به دٻاءُ هو ته بشير ميمڻ خلاف نيب انڪوائري شروع ڪري پر نجف مرزا صاحب به صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته توهان مون کي هتان هٽائي ڇڏيو پر صاف ۽ شفاف ڪردار جي  مالڪ آفيسر تي ڪيئن انتقامي طور انڪوائري  شروع ڪري سگهان ٿو؟.

وقت جو انتقام ڏسو ته  وزيراعظم شهباز شريف ثناءُ الله عباسي کي عهدي تان  رڳو ان ڪري هٽايو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ويجهن دوست جو وفادار ناهي ۽ هڪ اڳوڻي آءِ جي  تي ڪوڙاڪيس داخل ڪري سگهي ٿو اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.، انڪري هو هو ڊي جي ايف آءِ اي لاءِ مناسب ناهي ۽ هن کي عهدي تان هٽايو ويو.

هر ڪنهن جو سُکيو توڙي ڏُکيو وقت گذري ويندو آهي، جڏهن انسان ڪنهن سيٽ تي هوندو آهي ته ان جو اصل ڪردار تڏهن معلوم ٿيندو آهي، سٺي ڪردار واري انسان ۾ ايتري جرئت هئڻ گهرجي  ته هو غلط ڪم کان انڪار ڪري سگهي، هاڻي توهان، الله پاڪ جو شان ڏسو نجف مرزا صاحب جنهن غلط ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو اڄ به  عزت سان پنهنجي عهدي تي فائز آهي ۽ جنهن شخص فرمائشي پروگرام تي هڪ آءِ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ م ڪا  دير نه ڪئي ان کي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

مون کي ياد آهي ته اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي دور ۾ ثناءُ الله عباسي خلاف جيڪب آباد صدر ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل ٿيو هو (ڪيس جو تفصيل ڏيڻ مناسب نه آهي)ته لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ مان عباسي صاحب جي ضمانت  بشير ميمڻ صاحب ڪرائي هئي ۽ عباسي صاحب، بشير ميمڻ صاحب سان گڏ گڏ هوندو هو،۽بشير ميمڻ صاحب پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري اهو ڪيس ختم ڪرايو هو.. عجيب ڳالهه آهي ته ڇا ڪو ماڻهو اهڙي ويجهي تعلق ۽ هڪ دوست جي احسانن کي وساري سگهي ٿو!!!!!

بس ذرا سی بات پر برسوں کے یارانے گئے

لیکن اتنا تو ہوا کچھ لوگ پہچانے گئے۔

خاطر غزنوی

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.