لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

مير ذوالفقار چانڊيو

پاڪستان جي آزاديءَ کي 75 سال گذري ويا آهن پر پاڪستان جا ڪجهه بنيادي مسئلا اھڙا آهن جيڪي اڄ تائين حل نه ٿي سگهيا آهن جهڙوڪ ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ گئس جو بحران گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملڪ ۾ موجود آھي 75 سالن ۾ اسان جا حڪمران ڪنهن به بنيادي مسئلي تي ضابطو نه آڻي سگهيا آهن، جنهن جي ڪري ڏينھون ڏينهن ملڪ اندر بنيادي مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي اڄ ڪلهھ ملڪ ۾ رڪارڊ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال لڳو پيو آهي خاص ڪري ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطار جي وقت لوڊشيڊنگ سبب عوام جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي،سحر ۽ افطار جي وقت حد کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ناهي، هر آفيسر عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيو آهي.

وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ٻين مھينن جي مقابلي ۾ هن برڪت واري مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهو هن ڀلاري مهيني ۾ صحيح نموني عبادت به نٿا ڪري سگهن، ٻئي طرف ملڪ ۾ جاري ڊگھي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ لڳو پيو آهي، جنهن ڪري بيروزگاريءَ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.

هن وقت عيدالفطر سر تي ھجڻ ڪري بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري ڪاروبار کي سخت نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، عوام عيد جي خريداري ڪرڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھي ملڪ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب هر طرف ڪاروباري ماڻهو سخت مايوسيءَ جو شڪار آهن، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ بجلي جي فراهمي تمام ضروري آهي. بجلي جي فراهمي هر ڪاروبار جو لازمي حصو بڻجي رھي آهي جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو پر وقت جي حڪومتن ان طرف ڌيان نه ڏنو ۽ لوڊشيڊنگ تي سنجيدگيءَ سان ڪنٽرول نه ڪيو، جيڪڏهن 75 سالن کان وقت جي حڪمرانن هن بنيادي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏنو هجي ها. اڄ ملڪ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ نه هجي ها ۽ عوام کي ڪاروبار ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه اچي ها ته هر ڪم بجلي تي ٿئي ٿو پر بدقسمتي سان اسان وٽ بجلي ناهي. هي ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي،

اڄ به سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 12 کان 15 ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري عوام کي سخت پريشانين ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عوام کي وڌيڪ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پئجي رهيون آهن جيڪڏهن لوڊشيڊنگ وقت تي ڪنھن متفق ٽائم تي ڪئي وڃي ته غريب عوام جا مسئلا اڃا به دور ٿي سگهن ٿا، پر افسوس ته اسان جا حڪمران ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيا آهن جنهن سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھي ڪنھن به سياسي پارٽيءَ جو ڪو به ليڊر انهن جي تڪليفن جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ھينئر گرمين جي شروعات آهي جڏهن جون جولاءِ جي مھيني ۾ اونهاري جي سخت موسم ھوندي ته غريب ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب مري ويندا هڪ لمحي لاءِ سوچيو ته شھرن جي بند گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڇا حشر ٿيندو، سخت گرميءَ کي ٻارڙا ڪيئن برداشت ڪري سگهندا؟جڏهن جون ۽ جولاءِ ۾ گرمي جو زور وڌي ويندو ته ماڻهن جو بجلي جي بغير رهڻ مشڪل ٿي ويندو. ملڪ جي حڪمرانن کي هاڻي کان ئي سنجيدگي سان هن بنيادي مسئلي تي ضابطو آڻڻو پوندو، نه ته ايندڙ ڏينهن ۾ عوام ڏک ۾ مبتلا ٿيندو. هڪ طرف بجلي مهانگي ٿي رهي آهي ۽ ٻئي طرف لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو عوام سان دشمنيءَ جي برابر آهي. بجلي جي مقابلي ۾ سولر انرجي سسٽم جيڪو ھن وقت ڪافي مشهور ٿي چڪو آهي اڄ ڪلهھ وڏا وڏا ڪارخانا فيڪٽريون پيٽرول پمپ سي اين جي اسٽيشنز ريسٽورنٽ سولر انرجي تي ھلي رھيا آھن ان جي باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ ھجڻ ڪري گھڻا سوال جنم وٺن ٿا ته آخر بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي.

افسوس ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ به صرف عام ماڻهن جي لاءِ آهي باقي اسيمبلي ميمبرن يا وڏن ماڻهن لاءِ ڪا لوڊشيڊنگ نه آهي اھي ته واپڊا وارن کان پيسن سان بجلي خريد ڪري پنھنجو ڪاروبار به ڪندا ته زندگيءَ سڪون سان گذاريندا باقي بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي ته عام ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ھڪ ويلي ماني کائڻ پيئڻ جي لاءِ پريشان آهن يا وري ھلڪي ڪاروبار ڪرڻ واري درزيءَ کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آھي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ھر تڪليف ۽ مشڪلاتون صرف غريبن لاءِ آھن باقي وڏا ماڻهو ته گھڻا پيسا ڏئي انصاف کي خريد ڪرڻ سان گڏ بجلي به خريد ڪري سگھن ٿا انھن تي ڪا ميار نه آهي وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته بجلي جھڙي بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪن جيئن عوام کي رليف ملي سگهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.