سعودي عرب وارو ڏکوئيندڙ واقعو، ڪجهه ته هوش ڪريو

پاڪستان جي سياست ۾ اڄڪلهه شدت پسندي، بحث جو موضوع بڻيل آهي.سعودي عرب  ۾ مسجد نبوي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سموري ملڪ ۾ ان تي ڳالهه ٻول ٿي رهي آهي. ملڪ جي سمورن سياسي،سماجي توڙي مذهبي حلقن اهڙي واقعي جي نندا ڪئي آهي.سعودي سرڪار به ان جو سخت نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي اختيارين به واقعي تي شديد ردعمل ظاهر ڪندي ان کي قانون موجب منهن ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.پاڪستان جي سڃاڻپ سموري دنيا ۾ مسلمانن جي ملڪ طور ٿئي ٿي. جنهن ڪري سعودي عرب کي پاڪستان جي اڪثريت هڪ مقدس سرزمين سمجهي ٿي،پاڪستاني مسجد نبوي جي حرمت جو احترام به دل سان ڪن ٿا،جنهن ڪري واقعي تي سموري ملڪ ۾ ڪاوڙ جو اظاهر ڪيو  ويو آهي،پاڪستانين جو چوڻ آهي ته مقدس سرزمين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ نه گهرجي.

سعودي عرب جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران  مسجد نبوي ۾ موجوده وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جي ساٿين جن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجا آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به شامل هئا انهن جي ڪجهه ماڻهن اتي توهين ڪئي ۽ هنن خلاف نعرا هنيا.ان دوران ڪي اڻوڻندڙ گفتا به ادا ڪيا ويا. هڪڙي وزير کي وارن مان جهلي ڇڪيو به ويو هو.ان باوجود وزيراعظم سان گڏ آيل وفد صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، وفد، مسجد جو پورو پورو احترام ڪيو ،اهڙي خبر سموري دنيا ۾ هن سوشل ميديا جي دور ۾ پکڙجي وئي جنهن سان پاڪستان جي عالمي سطح ۽ مسلم ورلڊ ۾ بدنامي ٿي آهي.

پاڪستان ۾ سياسي مخالفت هاڻي سموريون حدون ۽سرحدون اورانگهيندي اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ نفرت جو زهر ڀرجي رهيو آهي.اها شدت پسندي ۽غير جمهوري رويا ۽ ذاتي معاملن کي وائکو ڪرڻ وارو رجحان ملڪ  کي هر سطح تي پوراءُ نه ٿي سگهڻ جهڙو نقصان پهچائي رهيو آهي.هر شعبي جيان سياست جا به طور طريقا ۽ اصول ٿيندا آهن، جن کي ختم ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ملڪ ۽عوام جي لاءِ ڪنهن به طرح درست نه آهي،

هن وقت ملڪ ڪيترن ئي وڏن بحرانن جي ۾ ڦاٿل آهي.ملڪ ۾ اڃان تائين سياسي گهوٽالو به ختم نه ٿيو آهي،هڪ وڏي صوبي ۾ اڃان اقتدار جي تڪميل پوري نه ٿي آهي،عام ماڻهون معاشي طور تي دٻاءَ جو شڪار آهن،اهڙي ماحول ۾ڪا به مهم جوئي ملڪ کي ڪنهن وڏي ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي  جيتوڻيڪ قانوني ۽ آئيني طريقي سان اقتدار تان لاٿو ويو آهي،پر هن انتهائي جارحاڻو رويو اختيار ڪيو، اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ هن  قانون،آئين ۽ اخلاقيات جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا هئا.هن جو چوڻ هو ته هڪ غير ملڪي سازش تحت کيس اقتدار کان الڳ ڪيو ويو آهي. جنهن جي لاءِ جن ڳالهين کي بنياد بڻايو ويو هو  انهن جي ڪنهن به سطح تي تصديق نه ٿي، ان باوجود اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي مايوسي ۾ ملڪ جي سموري سياسي قيادت سميت ملڪ جي هر اداري کي تنقيد جي اصولن کي پري رکندي بيجا نشانو بڻايو، جنهن عمل جا ملڪي ادارن ۽سياست تي انتهائي منفي اثر پوڻ لڳا آهن.

دنيا جي ٻين ملڪن ۾ سياست به زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان هڪ گيم سمجهي وڃي ٿي جنهن جا قائدا ۽قانون آهن جن کي سموريون ڌريون قبولين ٿيون،انهن قانونن موجب ئي ڪنهن جي هارائڻ ۽کٽڻ  جو فيصلو ٿيندو آهي.

ملڪ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان بدتميزيءَ جو هڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن اداري به کي نه بخشيو پيو وڃي، نه ئي  وري ڪا ڌر هنن جي نفرت واري زهر کان محفوظ آهي.اها روش جاري رهي ته ملڪ ۾ اڳي ئي مذهب،سياست،ذاتي پسند۽ناپسند ۾ ورهايل معاشرو وڌيڪ ورهائجي ويندو.

سياست جو مهذب ميدان پارليامينٽ آهي، هن وقت سياست کي ايوانن مان ڪڍي روڊن ،رستن، گهٽين چوڪن ۽هوٽلن ۾ آندو ويو آهي، جنهن سان ملڪ جي اندر هڪ انارڪي جنم وٺي رهي آهي، جنهن ۾ اقتدار کان ڌار ٿيل ڌر جو هڪڙو ئي ڪم آهي ته هر ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن اهڙي روش جو جواب به اهڙي نموني اچڻ شروع ٿيو ته پوءِ ملڪ جو ڪو به حصو نه بچندو جتي ويڙهه نه ٿئي، هر هنڌ جيڪڏهن هر ڪو بنا ڪنهن دليل ۽بنياد جي ڪنهن جي تذيليل  ڪندو ته اها بيماري سموري سماج ۾ ڪنهن وبا جيئن پکڙجي ويندي،هي ملڪ اهڙي ڪا به سٽ سهڻ جي قابل نه آهي.

ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي گهرجي ته هو سياست ۾ گارين، ذاتيات ۽ ڪنهن جي تذيليل واري روش کان پاسو ڪن، سياست کي سياست جي اصولن جي تابع ڪري رکيو وڃي، اهڙي ڪا به اٻُهرائپ عوام کي اهڙي طرف ڌڪي ڇڏيندي جتان واپسيءَ جو  ڪو رستو به شايد نظر نه اچي. تنهنڪري سياسي قيادت کي هن اهم معاملي تي ٿڌي دل ۽دماغ سان غور ڪرڻ گهرجي،ان سان ئي سياست ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي، هڪ سياسي ماڻهون کي نه رڳو پنهنجي پر ٻين مذهبن ۽ عقيدن جو به احترام ڪرڻ گهرجي، سموري دنيا کي مديني واري رياست جي خواب ڏکاريندڙ اڳواڻ جي فالورز جي اهڙي عمل سان هو نه رڳو پاڻ پر ملڪ ۽ قوم جي به بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن.

هزارين اختلافن جي باوجود ڪنهن به مرحلي تي ائين نه ڪبو آهي جنهن سان هزارين ماڻهن جي دلين کي رنج پهچي،هر ڪنهن جو عقيدو توڙي مسلڪ احترام جي قابل آهي، ان جو هر حال ۾ خيال ڪرڻ لازمي ٿئي ٿو.

هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته هڪ اڳواڻي وفاقي وزير هڪ رٿابندي تحت ائين ڪرايو آهي، جنهن خاص طور تي انهن ماڻهن کي سعودي رب موڪلرايو هو. انڪري ئي هن اڳواٽ اهو چيو هو ته سعودي عرب ۾ ماڻهون وزيراعظم ۽سندس  وزيرن سان گهٽ نه ڪندا.

هي انتهائي ڏکوئيندڙ ۽افسوس واريون گهڙيون آهن، واقعي جي ڪري ملڪ ۽ عوام جي جذبن کي جيڪو ڇيهو پهتو آهي ان جو ازالو ممڪن نه آهي، پر هاڻي ان عمل جو سبب بڻندڙ  سياسي قيادت کي  ان  عمل تي معافي وٺي توبهه ڪرڻ گهرجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.