عيدالفطر سومر بدران اڱاري تي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ عيدالفطر سومر تي ٿيندي يا آڱاري تي؟ سڀ کي انتظار آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ آچر پهرين مئي تي چنڊ نظر اچڻ جا ڪي امڪان ناهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهندا، عيدالفطر 3 مئي آڱاري جي ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حتمي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته نئين چنڊ جي پيدائش جا امڪان ڇنڇر آچر جي وچ رات جو هڪ لڳي 28 منٽن تي آهي، پهرين مئي تي چنڊ نظر اچڻ جو ڪو امڪان ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.