لوڊشيڊنگ امپورٽڊ حڪومت جي غلط فيصلي سبب ٿي

اسلام آباد (م ڊ)  توانائي واري اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.ٽوئٽر تي  جاري ڪيل بيان ۾حماد اظهر چيو ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ امپورٽڊ حڪومت جي غلط فيصلي سازي سبب ٿي، وقت تي مقامي گئس فراهم نه ڪئي وئي.هن چيو ته ن ليگ جا ايل اين جي ٺاهه ڊفالٽ ٿي ويا ۽ سمورو دارومدار فرنس آئل تي وجهي ان جو اسٽاڪ به ختم ڪري ڇڏيو، صحيح حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ها ته لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها.حماد اظهر جو چوڻ هو ته عيد جي موڪلن سبب انڊسٽري جو لوڊ ختم ٿي وڃي ٿو. هن وقت امپورٽڊ حڪومت انهن موڪلن جي بنياد تي لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جي اميد لڳائي ويٺي آهي اسان جي دور ۾ اهڙي لوڊشيڊنگ ڪڏهن به نه ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.