معاشرو ورهائجڻ کان روڪڻ جو حل نيون چونڊون آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ورڇ پيدا ڪرڻ بدران معاشري کي ڳنڍيو وڃي، معاشري ۾ ورهاڱي جو حل چيف  اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ کانپوءِ نيون چونڊون آهي،اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪو حڪم جاري ڪيو ان تي سڀ کلندا، لوڊشيدنگ ايتري وڌي وئي آهي ان تي ڪو به اجلاس ناهي ٿيو، ڊيزل جي کوٽ سان هاري رُلي ويو، هن چيو ته عمران خان کي اپيل آهي ته ردعمل ۾ احتياط ڪري اسان کي معاشري کي به بچائڻو آهي، هن چيو ته قاسم سوري تي حملو پلان ڪري ڪيو ويو، ڪو به شخص سحري ڪري رهيو هجي ۽ ان تي حملو ڪيو وڃي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪي عدالتون 24 ڪلاڪ کليل آهن اهي نوٽيس وٺن، هن چيو ته هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ حمزا شهباز جي حلف جو ڪيس لڳي رهيو آهي، اسلام آباد تي غيرملڪي سازش سان قبضو ڪيو ويو، ان سبب ملڪ تفريق جو شڪار آهي، هن چيو ته سڀ کان وڏي پارٽي کي ڀت سان لڳائيندا ته ملڪ ۾ ورڇ وڌندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.