مسجد نبوي واقعو ٿيو نه ڪرايو ويو:خورشيد شاهه

سکر (رپورٽر) وفاقي وزير خورشيد شاهه مسجد نبوي واقعي کي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته هي واقعو ٿيو ناهي پر ڪرايو ويو  آهي، اسان جو شڪ هاڻ وڌندو پيو وڃي ته هي شهباز شريف نه پر حضور صه جي توهين آهي، جنهن تي هو پوري عالم اسلام کان معافي گهرن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته هي پاڻ امپورٽڊ آهن ۽ هي امپورٽڊ جي ڪهاڻي 35 سال پهريان حڪيم سعيد ۽ مجيد نظامي شروع ڪئي هئي ۽ هنن ٻڌائي ڇڏيو ته هڪ ماڻهو امريڪا ۾ تيار ٿي رهيو آهي ۽ هي امپورٽڊ شخص اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو هڪ هزار سال پهريان يهودين ڪيو هو، اڄ وري ٻيهر هڪ هزار سال پهريان وارو نظارو سامهو اچي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان حڪومت کي امپورٽڊ چئي پنهنجو حساب ڏيڻ کان بچي نه سگهندو، هن کي هر صورت ۾ حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان توشا خانه جو سمورو سامان وڪرو ڪري ڇڏيو تنهڪري هن جو نالو ئي توشا خان پئجي چڪو آهي

  • عمران خان پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي ڇڏي:سعد رفيق

اسلام آباد (م ڊ) ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان ڪيترا به گناهگار   هجون، هي ڪير ٿيندا آهن، اسان کي اوڏانهن روڪڻ وارا؟.مسجد نبوي واقعي بابت خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته هنن اسان کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هي ماڻهن جي بي عزتي ۽ تذليل ڪرائن ٿا.هن چيو ته مسجد نبوي واقعي کان اڳ هنن پارليمينٽ سميت رياستي ادارن تي حملا  ڪيا، هنن سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون، اسان کي جيلن ۾ وڌو پر اسان تي ڪرپشن جو هڪ رپيو به ثابت نه ٿيو. خواجا سعد رفيق چيو ته اسان تي وزارتن جو بار نه هجي ها ته هنن کي لغام وجهون ها، هي اپوزيشن ۾ رهي گهرو ويڙهه ڪرائڻ گهرن ٿا.هن چيو ته هي حڪومت ۾ هوندا آهن ته ادارن کي بدنام ڪندا آهن، عمران خان  پنهنجي سزا پاڻ تجويز ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ کوٽي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.