روضي رسول صه واقعو پاڪستاني مسلمانن جا جذبا هئا: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽  اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪالهه جيڪو ڪجهه روضه رسول صه تي ٿيو اهو پاڪستاني مسلمانن جا جذبا هئا، شيخ رشيد چيو ته هي سڀ پانڌيئڙا هئا جيڪي روضه رسول صه تي حاضري لاءِ ويا هئا، زائرين حاضري دوران چورن خلاف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، هنن عمره زائرين جو انگ سون ۾ نه هزارن ۾ هو، شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جتي ويندو، پاڪستانين جي نفرت کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستانين کي موجوده حڪمرانن کان نفرت آهي، دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ موجوده حڪمران امپورٽڊ، سليڪٽڊ ۽ چور آهن، هن چيو ته موجوده حڪمران پاڪستانين لاءِ نفرت جو نشان بڻجي چڪا آهن، ماڻهو هنن حڪمرانن جي شڪل نٿو ڏسڻ چاهي.

  • خانه ڪعبه ۾ به هنن خلاف نعرا لڳندا: شيخ رشيد جو ڀائيٽو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ڀائيٽي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شيخ راشد شفيق مسجد نبوي صه ۾ وفاقي وزيرن سان بدتميزي تي خوشي جو اظهار ڪيو، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ شيخ راشد شفيق چيو ته امپورٽڊ حڪومت وارا هتي آيا هئا، پاڪستانين کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، مديني ۾ چور، چور ۽ امپورٽڊ حڪومت نامنظور جا نعرا لڳا، انهن کي پنهنجي اصليت جي خبر پئجي وئي هوندي، هن چيو ته الله ۽ الله جي رسول صه جي گهر ۾ به ماڻهو هنن کي ناپسند ڪن ٿا، ڪالهه هي خانه ڪعبه ويندا اتي به هنن خلاف نعرا لڳندا، ماڻهو هنن کي پسند نٿا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.