علي حيدر گيلاني تي ڪرپٽ پريڪٽس ثابت، ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني ڪيس بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته علي حيدر گيلاني، ايم اين اي  فهيم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل تي ڪرپٽ پريڪٽس ثابت ٿي، جنهن تي اُنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد کي فوجداري ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪيس ۾ 3 سال سزا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون، اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب ڪيس ۾ يوسف رضا گيلاني جي ملوث هجڻ بابت ثابتي ناهي ملي، تنهنڪري سندس نالو خارج ڪيو آهي، واضح رهي گذريل سال سوشل ميڊيا تي علي حيدر گيلاني جي ووٽ ضايع ڪرڻ جو طريقيڪار ٻڌائڻ واري وڊيو وائرل ٿي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.