مڪاني چونڊن بابت جي ڊي اي جي درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف سنڌ ۾مڪاني چونڊن ڪرائڻ جي حوالي سان جي ڊي اي طرفان داخل درخواست تي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو.درخواست گذارن ڊاڪٽر صفدرعباسي،سردار رحيم ۽ حسنين مرزا پنهنجي وڪيل معرفت موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙِي آهي.عدالت کان استدعا آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.