مسجد نبوي صه جي بيحرمتي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ صاحبزاده جهانگير اڳڀرو

مڪو شريف(م ڊ) مسجد نبوي صه جي بيحرمتي واقعي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ عمران خان جو اڳوڻو صلاحڪار صاحبزاده جهانگير اڳڀرو رهيو،  ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي وقت صاحبزاده جهانگير واقعي وقت اتي موجود نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي هو به تصديق ڪري ٿو، ٽوئيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ صاحبزاده جهانگير جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ منهنجي ۽ انيل مسرت جي ملوث هجڻ جا الزام اجايا آهن، واقعي وقت اسين اتي ضرور هئاسين پر جن گوڙ ڪيو اهي ئي پاڻ ان جا ذميوار آهن، اسان انهن کي نه فنڊنگ ڪئي نه وري آرگنائيز ڪيو. اسين عبادت لاءِ ويا هئاسين، خدا جي واسطي سياست ۾ الله رسول کي وچ ۾ نه آڻيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.