ناظم جوکيو ڪيس اي ٽي سي جو آھي يا نھ؟:فيصلو 10مئي تي

ڪراچي (رپورٽر) ناظم جوکيو ڪيس نئون رخ اختيار ڪرڻ لڳو،ڪيس دھشتگردي ڪورٽ جو آھي يا ناھي،فيصلو 10 مئي تي ٻڌايو ويندو. ڪورٽ ۾ايڊووڪيٽ مظھر جوڻيجو، ايڊووڪيٽ شاهه زمان جوڻيجو، ايڊووڪيٽ جبران ناصر، فريادي افضل جوکيو جو وڪيل شيراز ۽ جوابدار ڌرين جا وڪيل وزير احمد کوسو سميت ٻيا پيش ٿيا.ڪاروائي ۾ ان ڳالهه تي دليل ڏنا ويا ته ھي ڪيس دھشتگردي جو آھي يا نه؟. ايڊووڪيٽ مظھر جوڻيجو،  ايڊووڪيٽ شاهه زمان جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ جبران ناصر دليل ڏيندي چيو ته ڪيس دھشتگردي ڪورٽ  جو آھي، جنھن ھنڌ واقعو ٿيو، اھو ھڪ عوامي ھنڌ آھي، جتي مختلف معاملن تي فيصلا ٿيندا آھن ۽ اچ وڃ جاري ھوندي آھي. ھنن چيو ته واقعي سان ماڻھن ۾ خوف حراس جو ماحول پيدا ٿيو آھي. ٻئي طرف انويسٽيگيشن آفيسر سراج لاشاري ڪورٽ کي ٻڌايو ته واقعو دھشتگردي جي زمري ۾ نه ٿو اچي پر ڪورٽ طرفان واقعو دھشتگردي قرار ڏنو ويو آھي جڏھن ته پراسيڪيوشن ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن پڻ سراج لاشاري جي موقف جي تائيد ڪئي جڏھن ته جوابدار ڌر جي وڪيلن چيو ته ھي ڪيس دھشتگردي  جي ڪورٽ جو ناھي، ان ڪري ان کي واپس سيشن ڪورٽ موڪليو  وڃي. ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته 10 مئي تي آرڊر جاري ڪيو ويندو ته ڪيس ڪھڙي عدالت ۾ ھلڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.