ايندڙ 10 ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي: خرم دستگير

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي  ته بجلي جي پيداواري صلاحيت نه پر تيل جو بحران آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته تيل پورو نه ملڻ سبب 5 هزار 739 ميگاواٽ بجلي پيدا نه پئي ٿئي. 2156 ميگاواٽ بجلي ٽيڪنيڪي مسئلن سبب پيدا نه پئي ٿي. ايندڙ 10 ڏينهن دوران لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي اچي ويندي. لوڊشيڊنگ جا 2 سبب آهن هڪ ته تيل پورو نه ملڻ سبب 5739 ميگاواٽ جي صلاحيت بند پيل آهي، ٻيو سبب 2156 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ فني خرابي سبب آهي، ڪوشش آهي ته عيد جي ڏينهن دوران وڌيڪ حالتون خراب نه ٿين، هن چيو ته تيل جي کوٽ ۽ ٽيڪنيڪل مرمت جي سموري ذميواري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان آهي. پلانٽس جي مرمت جو ڪم سياري ۾ ٿيڻ گهرجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.