قاسم سوري ۽ سندس ساٿين تي حملي جو ڪيس داخل

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر قاسم سوري ۽ سندس ساٿين تي اسلام آباد جي هوٽل ۾ مبينا حملي جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قاسم سوري ڪنهن به شخص کي نامزد نه ڪيو آهي، ٻي طرف ايس ايس پي فيصل ڪامران جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ سي سي ٽي وي فٽيجز جي به مدد ورتي ويندي.قاسم سوري جو چوڻ آهي ته مون ۽ سحري لاءِ آيل منهنجي مهمانن تي ن ليگ جي غنڊن حملو ڪيو، امپورٽيڊ حڪومت هاڻي هٿڪنڊن تي لهي آئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.