قومي اسيمبلي اسپيڪر کي حمزا شهباز کان اڄ حلف وٺڻ جو حڪم

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز کي حلف کڻائڻ پاڻ ئي نمائندو مقرر ڪندي قومي  اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي حڪم ڏنو آهي ته هو وڏي وزير کان اڄ حلف وٺي، لاهور هاءِ ڪورٽ حلف نه کڻائڻ خلاف حمزا شريف جي ٽيون ڀيرو داخل ڪيل درخواست تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، 9 صفحن تي جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اڄ صبح ساڍا 11 وڳي ڌاري حمزا شهباز کان حلف وٺي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ آفيس عدالتي حڪم بابت قانون واري سيڪريٽري کي آگاهه ڪري. ان کان اڳ صبح جوحمزا شهباز ٽيهر درخواست داخل ڪرائي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس جواد حسن ڪئي، جنهن بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو رات ٻڌايو ويو، ٻڌڻي دوران جسٽس جواد چيو ته ٻڌڻي لاءِ عدالتي وقت گذري چڪو آهي، جنهن تي حمزا شهباز جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ رولز تحت بنيادي حقن لاءِ وقت وڌائي سگهجي ٿو، جنهن تي جسٽس جواد چيو ته چيف جسٽس جو ڪهڙو حڪم هو؟ حمزا جي وڪيل اشتر اوصاف چيو ته چيف جسٽس 28 اپريل تائين حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، جسٽس جواد چيو ته ڪنهن ۾ جرئت نه هجڻ گهرجي ته هو هاءِ ڪورٽ جي حڪم نه مڃي، وڪيل چيو ته حلف نه وٺي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، گورنر آئين تي عمل نه ڪري رهيو آهي، جنهن تي جسٽس جواد رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان توهين عدالت جو ڪيس داخل ڇو نه ٿا ڪريو؟ وڪيل جواب ڏنو ته اهو اسين ڪري سگهون ٿا پر منهنجي مئوڪل صرف حلف برداري جو معاملو عدالت آڏو رکڻ لاءِ چيو آهي، هن چيو ه ماڻهن جا بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن، ڇو ته انهن جو چونڊيل نمائندو ڪم نه پيو ڪري، جسٽس جواد چيو ته عدالت جا فيصلا نه پيا مڃيا وڃن، هي عدالت جي عزت جو سوال آهي، مون کي آئين ۾ رستو نظر اچي ته آئون نڪري پوندو آهيان، حمزا شهباز جي وڪيل چيو ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي توهين عدالت تي 2 منٽن جي سزا ڏني هئي، جنهن بعد وزيراعظم کي پنهنجي نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پيا هئا، فيصلي بعد مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وڪيل عطا تارڙ ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته عدالت اسان جي درخواست تي سمورين ڌرين کي ٻڌو، هوڏانهن اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته نون ليگ لاءِ سمورا فيصلا آڌي رات جو ڇو اچي رهيا آهن؟. ياد رهي ته عدالت 2 ڀيرا گورنر ۽ هڪ ڀيرو صدر کي حلف کڻائڻ لاءِ پنهنجو نمائندو مقرر ڪرڻ جو چيو هو.

  • عثمان بوزدار سي ايم هائوس خالي ڪري ڇڏيو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سي ايم هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي، ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، عثمان بوزدار سي ايم هائوس مان پنهنجو سامان ٻي رهائش گاهه منتقل ڪرائي ڇڏيو، بوزدار جناح اسپتال ويجهو سي ڊبليو ڪالوني ۾ منتقل ٿي ويو آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان اتان کان ئي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ اچي رهيو هو

  • وڏي وزير جي گيلري ۾ چونڊ ٿيڻ غلط عمل آهي: پرويز الاهي

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته جيستائين حلف نٿو ٿئي عثمان بوزدار ڪم ڪندو رهندو، ان ڪري عدالتن  ۾ انصاف لاءِ وياسين، گورنر پنجاب مون کي فون ڪيو آهي، صدر ۽ گورنر به آئين تحت ڪم ڪري رهيا آهن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته  اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪهڙي فورم تي وڃي حمزا کان حلف وٺندو، حلف گورنر هائوس ۾ ٿيندو آهي، صبح عدالتون کلنديون ته وڪيل پيش ٿيندا، اهو نٿو ٿي سگهي ته گهر ويٺي حلف ورتو وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو چئلينج ڪنداسين، هن چيو ته اڃا تائين 26 باغي ميمبرن بابت ڪو به فيصلو ناهي آيو، اعتماد جو ووٽ اسيمبلي ۾ ورتو ويندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته هوٽلن جي گيلرين ۾ ووٽ وٺي پاڻ کي وڏو وزير ڊڪليئر ڪيو وڃي، روڊن تي اهڙا فيصلا ناهن ٿيندا، اليڪشن ٿي ئي ناهي ته عدالت ڪيئن اهڙو قدم کڻندي ، مون تي حملو ڪيو ويو، هڪ طرفي اليڪشن نٿي ٿي سگهي،الله جي عدالت ته کليل آهي، صدر ۽ گورنر کي ڪو به باءِ پاس نٿو ڪري سگهي،عدالت هڪ طرفو فيصلو نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته شريف خاندان کي 22 ڏينهن انتظار ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم شهبازشريف اسيمبلي ۾ حملا ڪرائي رهيو آهي، هن اسيمبلي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ آفيسر کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، پنجاب ۾ ڇا ٿي رهيو آهي،هن چيو ته حمزا شهباز اڃا وڏو وزير نه ٿيو آهي ته انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، اسان عمران خان سان گڏ وڃڻ جو فيصلو صحيح ڪيو آهي، چوڌري سالڪ اسان وٽ واپس ويندو، طارق بشير چيما شهبازشريف کي اعتماد جو ووٽ ناهي ڏنو، اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ عدالتن کي وچ ۾ ڇو آندو ويو آهي، اسان جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڪم روڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان جي خاندان ۾ ويڇا ناهن، چوڌري شجاعت چيو آهي ته چوڌري سالڪ ۽ طارق بشير چيما واپس اچي ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.