پ پ جي قانونسازن ناظم جوکيو کي مبينا قتل ڪري ڇڏيو:ايڇ آر سي پي

اسلام آباد (م ڊ) ايڇ آر سي پي انساني حقن جي حوالي سان سالياني رپورٽ جاري  ڪندي چيو آهي ته 2021ع ۾ اظهار جي آزادي تي 9 حملا ڪيا ويا، پ پ جي قانون سازن هٿان مبينا طور ناظم جوکيو جو وحشياڻو قتل ٿيو ۽ سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهريءَ کي توهين مذهب تي هجوم هٿان قتل ڪيو ويو. ايڇ آر سي پي جي جنرل سيڪريٽري حارث خليق جو چوڻ هو ته 2021ع دووران گهٽ ۾ گهٽ 9 واقعن ۾ صحافين کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو. هن جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت کي ظالماڻو پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس مسلط ڪرڻ تي ياد رکيو ويندو، بنيادي حق خطري ۾ رهيا ۽ ٻيا سمورا حق به پابندين جي زد ۾ رهيا.ايڇ آر سي پي موجب گذريل حڪومت ۾ صدارتي آرڊيننسز جو انگ ظاهر ڪري ٿو ته سياسي اتفاق نه هئڻ برابر هو، گذريل حڪومت 2021ع دوران رڪارڊ 32 صدارتي آرڊيننس جاري ڪيا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جبري گمشدگي کي ڏوهه قرار ڏيڻ وارو قانون ڊسمبر 2021ع جي آخر تائين منظور نه ٿي سگهيو،2021ع ۾ جبري گمشدگين سبب وڌيڪ واقعا بلوچستان ۾ رپورٽ ٿيا، 2021ع ۾ جبري گمشدگين جا بلوچستان ۾ 1108 ڪيس رپورٽ ٿيا.حارث خليق جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي بنياد پرستي شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل رهي، جنسي زيادتي جا 5279 واقعا ۽ ڪاروڪاري  جي نالي تي 478 قتل ٿيا.ايڇ آر سي پي  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارن سان بدسلوڪي جا 1896 واقعا ٿيا، 1084 جنسي واقعا، 523 اغوا ۽ 258 ٻارن جي گمشدگي جا واقعا رپورٽ ٿيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.