کنڀيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ

ڪراچي(رپورٽر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران ڪالهه ٻئي ڏينھن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ مان  کنڀي گم ڪيل سوين قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ شام جو چئين وڳي کان رات ڏھين وڳي تائين احتجاجي ڪئمپ قائم رھي.ڪئمپ ۾ قومي دانشور تاج جويو، سنڌ سجاڳي فورم جو مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويو ۽ سھڻي جويو، وي ايم پي فورم جي اڳواڻ مريم سنڌي، سنڌ ساگر پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ حافظ سڪندر تُنيو، جسقم اڳواڻ اشفاق ميمڻ، قومي محاذ آزادي جو اڳواڻ اظھر جميل، بلوچ اڳواڻ الاھي بخش بلوچ، محمد سليم بلوچ،  مھر الاھي بلوچ، ايڊووڪيٽ منصور حسين حب، عبدالحميد شيخ، مقبول نوتڪاڻي، ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءَ مارئي ڪانڌڙو، پُٽ شاھد ڪانڌڙو، انصاف دايي جي ڀيڻ اقصيٰ دايو، مرتضيٰ جوڻيجو جي ماءُ شھزادي، ڌيءَ پارس، پرويز سرگاڻي جي زال صفيا سرگاڻي ۽ ڀيڻ رحمت خاتون، سجاد ٻرڙي جي امڙ بختاور ٻرڙو، پٺاڻ خان زھراڻي جو پُٽ عرفان زھراڻي، زاھد چڻي جو ڀاءُ ابراھيم چنو، فرمان سومرو جي گھرواري سورٺ فردوس، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ اي ڊي راھمون، محسن سنڌي، فرحان سنڌي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اڳواڻن چيو ته ھن احتجاجي جدوجھد جي نتيجي ۾ گذريل رات ڄامشوري جي ٻن قومي ڪارڪن وقار پنھور، ۽ جاويد شورو ۽ نوشھري فيروز جا قومي ڪارڪن عزيز ڀنگوار، عتيق وسطڙو ۽ سڪرنڊ جو قومي ڪارڪن فدا لاکو آزاد ڪيا ويا، پر رياستي ادارا پنھنجي روايتن موجب وري 3 ٻيا قومي ڪارڪنن راشد چانڊيو، عرفان نوحاڻي ۽ وزير نوحاڻي کي کڻي ويا آھن. ھي ماڻھو کنڀڻ وارو دھشتگردي ۽ انساني حقن جي لتاڙ جو عمل آھي، جنھن جي سخت لفظن م مذمت ڪجي ٿي. حڪمرانن ۽ رياستي ادارن جي سربراھن کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواھ مان ھزارن جي تعداد ۾ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي ھڪدم آزاد ڪري مظلوم قومن جي ماڻھن ۾ پيدا ٿيل تشويش کي ختم ڪرڻ گھرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.