ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ ممتازسنڌي)ڪنڌ ڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاءِ وي تي ڦورن ڪشمور کان ايندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي هٿيارن جي زوري تي روڪي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي،مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ اسلم گشڪوري ٿڏي تي قتل ۽ سندس ساٿي ضمير گولو زخمي ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان ۽ زخمي ڪشمور فوجي ڇاڻوڻي ۾ ملازم ھئا.